پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ معاملا حل ڪرائڻ لاءِ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني چيو آهي ته پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر ذاتيات تي حملا نه ٿيڻ گهرجن پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ معاملا حل ڪرڻ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان سومر تي سنڌ اسيمبلي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي ان لاءِ پارليامينٽ موجود آهي پر ذاتي حملا نه ٿيڻ گهرجن بين الاقوامي سطح تي دنيا ۾ هن جو منفي اثر پوي ٿو ان موقعي تي هن ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين واريون ڪميٽيون ٺاهڻ جي آڇ ڪندي چيو ته بهتر ٿيندو ته اسان گڏجي ويهي مسئلا حل ڪيون آغا سراج دراني چيو ته سيوهڻ شريف مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر عبدالنبي شاهه پنهنجي سيٽ تان استعفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي هن سمورين قانوني گهرجن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان جي استعيفا منظور ڪئي آهي هاڻي ان جي سيٽ تي پيپلزپارٽي سيد مراد علي شآهه کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو ماضي ۾ سنڌ اسيمبلي جو حصو رهي چڪو آهي. هن چيو ته هو پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي تصديق لاءِ جڏهن به انهن سان رابطو ڪيون ٿا ته اهي اچن ئي نٿا ڪوئي چوي ٿو ته هو اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۾ موجود اهي ته ڪوئي پاڻ کي خيبرپختونخواهه جي دوري جو ڄاڻائي ٿو هن چيو ته کيس تحريڪ انصاف جي انهن ووٽرن تي رحم اچي ٿو جن کيس پنهنجو آواز بڻايو هو پر هاڻي اهي استعفيٰ ڏيئي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *