پ پ ڪيسن ذريعي ڊيڄارڻ ۽ پنهنجا ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي: رياض چانڊيو

ڪراچي (م.ڊ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته پ پ جنرل ضياءَ ۽ مشرف جي دور وارو ڪم ورجايو آهي، سنڌين سان ناانصافيون ڪندڙ اسيمبلي جو بجيٽ سيشن دوران گهيرو ڪنداسين. عدالت پيشي جي موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي رياض چانڊيي چيو ته بحريا ٽائون ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪئي وئي، قوم پرست قيادت ۽ ڪارڪنن تي جعلي ايف آءِ آرز ذريعي پ پ ڊيڄاڙڻ ۽ پنهنجا ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وڪيلن ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو آهي. هن چيو ته سنڌي ميڊيا جو ڪردار شانائتو رهيو آهي، قومي ميڊيا جي تعصب ۽ پئسي جي لالچ کي سوشل ميڊيا وائکو ڪري ڇڏيو، توهان ڌاڙيل نٿا پڪڙي سگهو، اغوا ڪندڙ نٿا پڪڙيو، سنڌ جي پاڻي چورن کي نٿا پڪڙيو، باقي قوم پرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهر تي چڙهايون ٿا ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي عوام جي حقن جو تحفظ نٿي ڪري، بجيٽ سيشن ۾ ان جو گهيرو ڪنداسين، اسيمبلي سنڌين سان ناحق بند نه ڪيو ته ان جو گهيرو جاري رهندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *