پ پ کي سنڌ ۾ هاڻ ڪنهن اتحاد جي ضرورت نه آهي: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ کي سنڌ ۾ هاڻ اتحاد جي ضرورت نه آهي ۽ نه ئي وري 2018ع وارين چونڊن بعد ڪو اتحاد ڪبو. بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت ۽ آمريت خلاف لازوال جدوجهد ڪئي. مادر جمهوريت جي خواب کي ضرور پورو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي ٽئين ورسي تي حاضري ڀرڻ بعد وڏي تعداد ۾ آيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جمهوريت جو ڏينهن آهي ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي آهي، جيڪا پ پ پ جي ڪو چيئرپرسن هئي. هن آمر ضياءُ جي آمريت خلاف نه صرف پ پ کي منظم ڪيو ۽ جمهوريت لاءِ پڻ جدوجهد ڪري سموري ملڪ کي گڏ ڪيو. شهيد بينظير ڀٽو ۽ مادر جمهوريت ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي آمريت کي ڪمزور ڪيو ۽ اهڙو وقت آيو جو ملڪ مان آمريتجو خاتمو ٿي ويو ۽ جمهوريت جو سج اڀريو. هن چيو ته اڄ به آصف علي زرداري ۽ آءُ جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ ٻين پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. جمهوريت اسان جو ايمان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته بدلو وٺون ها ۽ طاقت جو استعمال ڪري سگهون. اسان کي طاقت، اقتدار ۽ حڪومت جا بکيا نه آهيون ۽ اسان مادر جمهوريت جي خواب کي ضرور پورو ڪنداسين. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري قانون سازي ڪئي پر هاڻ 2008ع، 2013 ۾ جيڪو اتحاد ٿيو ان کي ٻيهر نه ورجائينداسين. 2018ع وارين چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ڪو به اتحاد نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان جمهوريت خاطر نواز ليگ جو ساٿ ڏنو. منهنجي والد آصف علي زرداري کي 12 سال قيد ڪاٽڻو پيو. هن تي تشدد ڪيو ويو ۽ هن موٽ ۾ ڳلو ڪٽڻ وارن سان ڀاڪر پائي جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ساٿ ڏنو. هن چيو ته اچو ته گڏجي خوشحال، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ٺاهيون. اسان جو ساٿ ڏيو يا هٽي وڃو. ان موقعي تي سندس ماسي صنم ڀٽو، ايم اين اي فريال ٽالپر اسٽيج تي گڏ هئا. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پ پ ڪارڪنن فاتحه خواني ڪري بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *