پ پ کي ختم ڪرڻ وارا پاڻ ختم ٿي ويا، پارٽي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي( اسٽاف ررپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي غريبن ۽ مزدورن جي پارٽي آهي ۽ غريبن ۽ مظلومن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ تي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي پيپلزپارٽي ان جي وجود واري ڏينهن کان ئي کُٽڪي ٿي،بلاول ڀٽو زرداري اهڙو اظهار اڄ بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي جي ملير، ڏکڻ ۽ اوله ضلعن جي وفدن سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر، وڏو وزير سيد قائم علي شاه، سينيٽر شيري رحمان، سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، چونڊيل اسيمبلي ميمبر، ضلعي عهديدار۽ معززين به موجود هئا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ شاهد آهي ته جن به پيپلزپارٽي جي پٺيءَ ۾ ڇُرو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان کي رسوائي ۽ ذلت ئي نصيب ٿي آهي پر پيپلزپارٽي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي آهي،ان موقعي تي ڪراچي ڊويزن جي ٽن ضلعن سان تعلق رکندڙ پ پ اڳواڻن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪراچي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۽ رٿيل مڪاني چونڊن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ پارٽي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته پارٽي ۽ ان جا ڪارڪن ڏينهن رات سخت محنت ڪري رهيا آهن ۽ پارٽي مڪاني چونڊن ۾ اڪثريت ماڻي شهرلاءِ جيالو ميئرآڻيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *