پ پ کي ايف آءِ اي مان ڪو ڊپ ناهي پر اهو ادارو تعصب جي بنياد تي صوبي اندر ڪارروايون ڪري ٿو:مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (بيورو) سنڌ جي سڌ سماءُ کاتي واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي ايف آءِ اي مان ڪو به ڊپ ناهي پر اهو ادارو تعصب جي بنياد تي صوبي اندر ڪارروائيون ڪري رهيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول اسپتال حيدرآباد جي ليڪچر هال ۾ آل سنڌ پيپلز ميڊيڪل اسٽاف ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ پاران سالياني ڪلينڊر 2016 جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  جيتوڻيڪ هن ڪڏهن به مسلم ليگ کي ووٽ نه ڏنو آهي پر ماڻهن جي ووٽ  جي راءِ جو احترام ڪري ٿو جن  مسلم ليگ کي ووٽ ڏئي مرڪز ۾  حڪومت ڪرڻ جو  مينڊيٽ ڏنو آهي. هن چيو ته هو  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ ٻين کي غير نٿو سمجهي جيتوڻيڪ  سندن  رويا ۽ چهرا وفاقي نه پر مخصوص علائقن جا آهن پر تنهن هوندي به هو حڪمران آهن ۽ اسانکي سٺا لڳن ٿا پر جيڪڏهن انهن سان ڪا ناراضگي هوندي ته اسين  ان بابت ڳالهائينداسين ۽ انهن کي به گهرجي ته هو به  اسانکي ڏسن. هن چيو ته ٽنهي ننڍن صوبن آدمشماري ۽ مردمشماري ڪرڻ جي لاءِ چيو آهي ۽ اهو  سندن متفقه آواز آهي ته غير جانبدارانه آدمشماري ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته صوبا ان کي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهن ٿا  ان ڪري  وفاق کي صوبن جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته پارٽي قيادت بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي شهرن جي ترقي ۽ واڌاري ۾ خصوصي دلچسپي وٺي ٿو. هن چيو ته هو پارٽي قيادت وڏي وزير ۽ صحت واري وزير سان ملي سنڌ پيپلزميڊيڪل اسٽاف ويلفيئر ايسوسيئيشن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ  پاڻ پتوڙيندو ته جيئن سندن مسئلا حل ڪري کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن  هو سنڌ جي بيمار ماڻهن جي اڳ کان وڌيڪ سچي جذبي سان خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته  هاڻي  هر هنڌ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿي رهي آهي انڪري هاڻي تعصب کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڀائيچاري جي فضا ٻيهر قائم ٿيندي. هن چيو ته  شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻ جي ڪري خوبصورت منظر ۽ رونقون ٻيهر واپس اچي رهيون آهن. هن چيو ته مون پنهنجي  فنڊ مان سول اسپتال حيدرآباد اندر واٽرڪولرلڳرايا ۽ محسوس ڪيو ته هتي جو عملو پنهنجي مقصد ۾ سچو آهي. هن چيو ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ سهولتن جي فراهمي ۽ راڻي باغ حيدرآباد جي بحالي  سندس جنون آهي جنهن لاءِ هو  هروقت ڪوشان آهي. ان موقعي تي پرووائيس چانسلر لمس ڊاڪٽر منير جوڻيجو، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سول اسپتال حيدرآباد ڊاڪٽر واجدميمڻ، اڳوڻي صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي، فياض شاهه ايسوسيئيشن جي صدر سليمان ميمڻ ۽ ٻين  پڻ تقريرون ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *