پ پ کي آءِ جي نه گھر جو منشي کپي، کين اي ڊي خواجا ڀانءِ نه پيو: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ ميرٽ تي ڪم ڪندڙ آءِ جي قبول نه آهي ڇو ته کين ايماندار پوليس آفيسر نه پر گھر جو منشي کپي، سنڌ حڪومت کي اي ڊي خواجا ڀانءِ نه ٿو پوي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته سياسي مخالف مون کي هيٺاهين ڏيکارڻ جي لاءِ ريلوي کي ٽارگيٽ بڻائي رهيا آهن، عمران خان سانحن تي سياست نه ڪري ڇو ته سندس الزام جي ڪا حيثيت نه آهي، عمران خان هوش ۾ گھٽ هوندو آهي ۽ جڏهن به هوش ۾ ايندو آهي ته ابتو سُبتو بيان ڏيندو آهي، عمران خان اسان کي سدائين شرم ڏياريندو رهيو آهي پر پاڻ شرم ناهي ڪندو، سعد رفيق چيو ته اسان جي پيپلز پارٽيءَ سان ڪا ڊيل نه پئي ٿئي، هُنن جي پنهنجي سياست ۽ اسان جي پنهنجي سياست آهي، پيپلز پارٽي کي هاڻي سنڌ ۾ رليف نه ملندو ڇو ته پيپلز پارٽيءَ سنڌ ۾ سياسي طور فارغ ٿي چڪي آهي، زرداري آئينو ڇو نه ٿو ڏسي،  ڪرپشن بابت زرداري صاحب جي پارٽي کي ته ڳالهه ئي نه ڪرڻ گھرجي جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ ميرٽ تي هلندڙ آ3 جي نه پر گھر جو منشي کپي، کين اي ڊي خواجا ڀانءِ نه ٿو پوي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *