پ پ چيئرمين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پڪي ملازمت جا ليٽر ڏئي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي بينظير ڀٽو جو هڪ ٻيو خواب پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پڪو ڪرڻ بينظير جو خواب هو، عوام کي روزگار ڏيڻ اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي، سنڌ حڪومت اڄ پنهنجو اهو واعدو پاڙي ڇڏيو. ليڊي هيلٿ ورڪرز ۾ پڪي ملازمت جا ليٽر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان جو اڄ به نظريو اهو ئي آهي ته اٽو، لٽو، اجهو ۽ گهر، ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪرڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، اڄ کين پڪو ڪري اسان شهيد بي بي جو خواب پورو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هڪ لک 60 هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجا فرض ادا ڪري رهيون آهن کين محنت جي عيوض پڪو ڪرڻ جو ڪريڊٽ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڏي وڃي ٿو. هن چيو ته روزگار ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهو اسان تي فرض آهي ته قوم جي خدمت ڪريون ۽ روزگار فراهم ڪري اسان اهو سلسلو جاري رکنداسين. وڏي وزير کي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي ڪامياب ڪرڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو. هن چيو ته اٽو، لٽو، اجهو، علم، روشني، سڀني کي ڪم ڪالهه به اسان جو نعرو هو اڄ به اسان جو نعرو آهي، 18 آڪٽوبر 2007ع تي اسان نعرو لڳايو هو، بينظير ايندي روزگار آڻيندي، بي بي ايندي روزگار آڻيندي، ايندڙ 18 آڪٽوبر تي اسان نئون نعرو لڳائينداسين، بي بي جو آصف ايندو روزگار آڻيندو، بي بي جو پٽ ايندو روزگار آڻيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *