پ پ چيئرمين سيڪيورٽي سببن جي ڪري شيڊول کان اڳ لاهو پهچي ويو

لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سيڪيورٽي سببن ڪري اعلان ڪيل شيڊول کان هٽي هڪ ڏينهن اڳ لاهور پهچي ويو، سيڪيورٽي خدشن سبب بلاول ڀٽو جي دوري کي اڳواڻن کان ڳجهو رکيو ويو، بلاول ڀٽو جي لاهور اچڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ به بي خبر رهيا ۽ ڪو به اڳواڻ استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي موجود نه هو، خاص جهاز ذريعي لاهور پهچڻ کانپوءِ کيس سخت سيڪيورٽي ۾ بلاول هائوس لاهور پهچايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *