پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سکر بئراج جو دورو، سنڌ حڪومت سمورا انتظام مڪمل ڪيا آهن: سيد قائم علي شاهه جي آگاهي

سکر (بيورو)
KHI18-15 copy2222222 چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال متعلق معلومات وٺڻ جي ڏس ۾ ڪالهه سکر پهتو. سنڌ جو وڏو وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي وزير زراعت علي نواز مهر ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد اويس شاهه، خورشيد جوڻيجو، ناصر شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، اسپيشل اسسٽنٽ سي ايم ڊاڪٽر ارشد مغل، لعل بخش منگي ۽ پارٽي اڳواڻ باري خان پتافي، عبدالسميع قاضي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ورڪرن سکر ايئرپورٽ تي آمد تي پيپلزپارٽي چيئرمين جو استقبال ڪيو. سکر پهچڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ سکر ۽ روهڙي شهر جي وچ تي درياءَ سنڌ جي ڪپ تي واقع حضرت پير سيد صدرالدين شاهه بادشاهه جي مزار تي حاضري ڀري، صدرالدين شاهه بادشاهه جي مزار تي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي ۽ قوم جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا گهري. ان کانپوءِ چيئرمين پ پ پ سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ سکر بئراج جو دورو ڪيو ۽ سيڪريٽري آپباشي بابر آفندي کان بريفنگ ورتي. چيئرمين پ پ پ کي نقشن ۽ تصويرن جي ذريعي سنڌ ۾ ٻوڏ جي موجوده صورتحال ۽ صوبائي حڪومت پاران ڪيل حڪمت عملي ۽ وڏي وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه جي هدايتن تحت ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ورتل اپائن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سيڪريٽري آپباشي بريفنگ کي سهيڙيندي چيو ته مٿان کان پاڻي جي پريشر گهٽجڻ جي ڪري سنڌ اڃان تائين محفوظ پوزيشن ۾ آهي. هن چيو ته هن وقت گڊو بئراج وٽان 3 لک 52 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو گذري رهيو آهي. جڏهن ته 4 لک 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري گذرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته هن وقت اسان جي سموري ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ مشينري مين پاور ساڻ هر حساس هنڌ تي موجود آهي ۽ سنڌو درياءَ جا سمورا بند مٿي ڪيا ويا آهن ۽ ٻوڏ جي پريشر کي برداشت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مضبوط پڻ بڻايا ويا آهن. ان بعد پيپلزپارٽي چيئرمين سکر بيراج گهمي ڏٺي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پ پ پ جي چيئرمين کي ٻڌايو ته بندن جي ڏينهن رات نگراني ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته هو پاڻ سڄي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بندن کي متوقع ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچاءَ لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي ۽ ٻوڏ سان متاثر ٿيندڙ ڪچي جي ماڻهن لاءِ رليف ۽ ريسڪيو جو ڪم ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. هن چيو ته کاڌي، پيتي ۽ ٻيو ضرورت جو سامان پڻ انهن جڳهن تي موجود ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري آپباشي جائزي دوران چيئرمين پ پ پ کي سکر بئراج جي مضبوطي انهيءَ جي دروازن ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي دوران پوزيشن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. هن اهو پڻ ٻڌايو ته 2010 جي مها ٻوڏ دوران سکر بئراج کان 12 لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ پاڻي گذري چڪو آهي ۽ پاڻي جي پريشر کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ اها ڪافي مضبوط هئي. چيئرمين پ پ پ ٽرالي دوري دوران ٽرالي جي پائليٽ سان پاڻ هلي وڃي مليو ۽ سندس همٿ افزائي ڪئي. هن پائليٽ کي چيو ته هن کيس مختصر پر هڪ معلوماتي سفر ڪرايو آهي. انهيءَ کان اڳ چيئرمين پ پ پ سکر بئراج تي آمد دوران ماڻهن، پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرن سان ڀاڪر پائي مليو ۽ سندن ڪافي همٿ افزائي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *