پ پ چونڊن لاءِ تيار آھي، پر پھرين چونڊ سڌرا بعد ۾ چونڊيون ٿين: سنڌ حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) سنڌ جي صوبائي وزيرن، سعيد غني، شرجيل ميمڻ، سيد ناصر حسين شآهه چيو اهي ته پيپلزپارٽي اڄ به چونڊن لاءِ تيار آهي پر اسان جو چٽو موقف آهي ته پهريان سڌارا بعد ۾ چونڊون ملڪي موجوده معاشي صورتحال سبب شايد هن حڪومت کي ڪجهه ڏکيا فيصلا ڪرڻا پئجي سگهن ٿا جمهويت ۾ راءِ جو اظهار ٿيندو آهي جمهوريت ۽ جمهوري معاشري ۾ عدم اعتماد هميشه ٿيندو آهي ۽ ٿيڻ گهرجي سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن آيل فيصلي کي آئيني ماهرن کي ڏسڻو پوندو ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو ووٽ ڪائونٽ نه ٿي سگهي ته آئينده عدم اعتماد جو آئيني حق به ختم ٿي ويندو ملڪ ۾ ڪنهن قسم جو آئيني بحران نه ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ سياسي ڪارڪن طور اسان کي ايئن لڳي ٿو ته هن فيصلي سان ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ هي ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سٺو نه آهي پيپلزپارٽي جي قيادت جي ويزن تحت سنڌ صوبو پهريون صوبو هوندو جنهن ۾ هر اهو مزدور صنعتي مزدور هجي يا ڪنهن قسم جي به مزدوري ڪندڙ هجي ان کي بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ جاري ڪيو ويندو وفاقي حڪومت محنت کاتي کي 18هين ترميم تحت مڪمل طور تي صوبن جي حوالي ڪري ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊ ۽ اِي او بي آئي کي به مڪمل طور تي صوبن جي حوالي ڪري ڇڏي ته جيئن انهن سمورن کاتن کي هڪ ڇٽي هيٺ آڻي مزدورن کي وڌيڪ سهولتون ڏئي سگهجن ملڪ ۾ لوٽا ڪريسي جي سياست عمران خان شروع ڪئي ۽ انجي حڪومت 90 سيڪڙو لوٽن تي ٺهي هر اها سياسي پارٽي جيڪا عوام جي ووٽن سان چونڊجي ايوان ۾ اچي ٿي ان جي خواهش هوندي آهي ته چونڊ سڌارا ٿين سنڌ حڪومت صحت جي شعبي کي بهتر ۽ مضبوط ڪيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي پاڪستان جا ماڻهو سنڌ جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ اچي رهيا آهن ۽ کين مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزيرن اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته منهنجو اسلام آباد اچڻ جو مقصد نادرا سان محنت کاتي جي ذيلي اداري سي سي جي مزدورن لاءِ تيار ڪيو ويندڙ بينطِر ڀٽو مزدور ڪارڊ جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ڊيٽا آپريٽرز جي مقرري جو معاهدو آهي سعيد غني چيو ته سنڌ صوبو پهريون صوبو آهي جنهن پهرين مرحلي ۾ صنعتي مزدورن لاءِ مڪمل سمارٽ بينظير ڪارڊ جاري ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي ۽ هن وقت تائين 37 هزار مزدورن کي هي ڪارڊ جاري به ڪيا ويا آهن جڏهن ته هي معاهدو جنهن جي لاڳت هڪ ارب رپيا آهن ان ۾ ڊيٽا انتري آپريٽرز جي کوٽ سبب ڪم جي رفتار سست رهي ۽ اڄ نادرا سان معاهدي کان پوءِ وڌيڪ 162 ڊيٽا انٽري آپريٽر مقرر ٿيڻ کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ رجسٽرڊ 6 لک 25 هزار صنعتي مزدورن کي هي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا هن چيو ته هن وقت سي سي تحت سنڌ ۾ مزدورن کي 5 اسپتالن، 42 ڊسپينسرين تحت صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃڻ هن چيو ته شفافيت لاءِ هي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڪرپشن ۽ لڪيج کي ختم ڪري سگهجي هن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت جي ويزن تحت هر اهو مزدور پوءِ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هجي يا ڪنهن قسم جي مزدوري پوءِ اهوڊرائيور، رڪشا، گهر ۾ ڪم ڪندڙ هجي سڀني کي هي ڪارڊ جاري ڪيو ويندو هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ اي او بي آئي ۽ورڪرز ويلفيئر فنڊ بدقسمتي سان مڪمل طور تي صوبن کي نه ڏنا ويا آهن ان ڏس ۾ اڄ وفاقي وزير اورسيز پاڪستان ۽ هيومن ريسوسز ساجد طوري سان به ملاقات ڪئي آهي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته ليبر کاتو جيڪو 18هين ترميم کانپوءِ ورڪر ويلفيئر فنڊ ۽ اي او بي آئي کي به مڪمل طور تي صوبن جي حوالي ڪري ڇڏي ته جيئن انهن سمورن کاتن کي هڪ ڇٽي هيٺ آڻي مزدورن کي وڌيڪ سهولتون ڏئي سگهجن. هن چيو ته هاڻي صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته اهي گهٽ کان گهٽ اجرت جي بورڊ جي ذريعي پنهنجون سفارشون صوبائي حڪومتن کي موڪلين هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ گهٽ کان گهٽ اجرت بورڊ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ جلد ئي ڪابينه کان ان جي منطوري کان پوءِ هڪ هفتي ۾ گهٽ کان گهٽ اجرت سنڌ صوبي ۾ 25 هزار ڪئي ويندي هڪ سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته صحت ڪارڊ جي حواليس ان سنڌ حڪومت ڪو ڊيٽا موجود نه آهي ۽ ان کي وفاقي حڪومت ئي ڏسي رهي هئي هن چيو ته سنڌ حڪومت جو هڪ چٽو موقف اهي جيڪي اربين رپيا ڪجهه ماڻهن تي خرچ ڪيا وڃن ته انهن ئي رپين سان اوهان پنهنجي سرڪاري اسپتالن کي بهتر ڪريو ته ان جو فائدو سڀني کي ٿي سگهي هن چيو ته سنڌ حڪومت هيلٿ سيڪٽرز کي بهتر ۽ مضبوط ڪيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي پاڪستان جا ماڻهو سنڌ جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ اچي رهيا آهن هڪ سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي اڄ به چونڊن لاءِ تيار آهي پر اسان جو واضح موقف آهي ته پهريان سڌارا ان کان پوءِ چونڊون.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ پاڻي چوري به ٿي رهيو اهي ان حوالي سان سنڌ سمورن پليٽ فارمن تي اواز اٿاريو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *