پ پ چونڊن دوران ڪيل واعدا پاڙي رهي آهي، صحافين جي جان مال جي تحفط  لاءِ  قانون جوڙي رهيا  آهيون: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)   اطلاعات ۽ پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني سان آمريڪا جي قونصل جنرل روبرٽ سلبرسٽين سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني سان يو ايس قونصليٽ جو پوليٽيڪل يونٽ چيف نيل ايم فلپس ۽ پوليٽيڪل اسپيشلسٽ قرت العين اسماعيل به موجود هئي. ملاقات ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ سنڌ حڪومت پاران جاري منصوبن صحت، تعليم، سميت ٻين منصوبن ۾ ڪيل اصلاحات ۽ ٿرپارڪر ۾ جاري ترقياتي ڪمن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني آمريڪا جي قونصل جنرل کي پورهئي کاتي ۾ سوشل سيڪيورٽي يونيورسلائيزيشن جي حوالي سان سنڌ حڪومت ۽ محنت کاتي پاران جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت مزدورن  محنت ڪش کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي لاءِ سوشل سيڪيورٽي يونيورسلائيزيشن تي ڪم جو آغاز ڪري چڪي آهي ۽ جلد ئي صوبي جي سمورن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدورن محنت ڪش کي ان جو فائدو ٿيندو صوبائي وزير سنڌ سرڪار پاران ٿرپارڪر جي ترقي ۽ بنيادي وسيلن جي فراهمي جي حوالي سان جاري ڪمن بابت آمريڪا جي قونصل جنرل کي آگاهه ڪيو. هن ڪراچي سميت سموري صوبي ۾ صحت جي سهولت خاص ڪري دل جو مرض، جگر جي پيوند ڪاري، ڪينسر، گردن سميت ٻين ڪيترائي مرضن جي مفت علاج جي سهولتن لاءِ اين آئي وي سي ڊي جي قيام ۽ صوبي ۾ يونٽس جي تيزي ۾ ڪيل اضافي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي آمريڪا جي قونصل جنرل سنڌ حڪومت خاص ڪري صوبائي وزير جي ڪاوشن تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان وقت سنڌ صوبي ۾ جهڙي طره سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائِي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ان جا مثبت رزلٽ سامهون ايندا. ان موقعي تي آمريڪا جي  قونصل جنرل کي صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت واري کاتن بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ٻنهي کاتن ۾ اصلاحات لاءِ هاڻوڪي سنڌ سرڪار ڪيترائي اپاءُ ورتا آهن خاص ڪري صحافين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي آزاد ۽ بيباڪ صحافت جي لاءِ سمورن وسيلن جي فراهمي ڪئي پئي وڃي صحافين جي جان مال جي تحفظ لاءِ به سنڌ سرڪار ڪيترائي قانون جوڙي رهي آهي. ان موقعي تي وفد ۾ شامل پوليٽيڪل يونٽ چيف نيل ايم فلپس ۽ پوليٽيڪل اسپيشلسٽ قرت العين اسماعيل به سنڌ صوبي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پيپلزپارٽي چونڊن دوران عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن ان سڀني کي پورو ڪرڻ لاءِ جيڪي اپاءُ وٺي رهي آهي اهي تعريف جوڳا آهن بعد ۾ صوبائي وزير سعيد غني مهمانن کي روايتي شال جو تحفو پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *