پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيجنگ ۾ چيني صدر سان ملاقات ، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چين جي صدر لي شنگ پنگ سان گادي واري شهر بيجنگ ۾ شاهراهه ريشم بابت ايشيائي سياسي پارٽين جي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن هتي جاري ٿيل هڪ پريس پڌرائي مطابق ٻنهي اڳواڻن عوام جي عوام سان رابطن ۽ پارٽين وچ ۾ رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف ايشيائي ملڪن سان تعلق رکندڙ سياسي پارٽين جي نمائندن سان ملاقات ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *