پ پ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

ڪراچي(م.ڊ)پيپلز پارٽي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، آصف زرداري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مڪاني چونڊن جي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جماعتي بنيادن تي مڪاني ادارن جو چونڊون چاهي ٿي. پيپلز پارٽي جي قيادت پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. پنجاب جي مڪاني چونڊن بابت ڪميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نيئر حسين بخاري، راجا رياض احمد، نديم افضل چن، احمد محمود، مخدوم ارتضي حسين، خواجه رضوان عالم، حيدر زمان قريشي ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو. خيبر پختون خواهه ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ڪميٽي ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي، عاصمه ارباب عالمگير ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو. ڪميٽي ٻنهي صوبن مان مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن جي چونڊ ڪندي، مڪاني قانون تي نظر رکندي ۽ مڪاني چونڊن بابت حڪمت عملي تيار ڪندي… آصف علي زرداري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مڪاني چونڊن جي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پارٽي اڳواڻ مڪاني چونڊن لاءِ گرائونڊ ورڪ ڪن، پيپلز پارٽي جماعتي بنيادن تي بلدياتي چونڊون چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *