پ پ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي جي ڪارروائي جي ويڊيو منظر تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پاناما ليڪس جي جاچ بابت جوڙيل جي آءِ ٽي جي ڪارروائي جي ويڊيو رڪارڊنگ منظر عام تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي معاملي تي حڪومت ٽوپي ڊرامو ڪري رهي آهي. ويڊيو رڪارڊنگ منظر عام تي نه آڻڻ سبب الزام لڳندا رهندا، مان نٿو سمجهان ته شريف خاندان جي ٻارن سان ڪو سخت سلوڪ ڪيو ويو آهي،  ويڊيو رڪارڊنگ سان شريف ڪٽنب جي جي آءِ ٽي جي الزام جي حقيقت سامهون ايندي. هن چيو ته شريف خاندان جيڪڏهن ڪو جواب هجي ها ته اهو هو 3 اپريل 2016ع ۾ ئي ڇڏي آهي. حڪمران ميڊيا جي سامهون جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڳجهي طريقي سان جي آءِ ٽي ميمبرن ۽ انهن جي خاندان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *