پ پ پاران هر صورت ۾ جمهوريت جي دفاع جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جمهوريت جو هر صورت ۾ تحفظ ڪندي جڏهن ته 18 هين آئيني ترميم ئي ملڪ ۾ اصلي تبديلي هئي. پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻ اختر جدون جي گهر پهتو جتي ساڻس گڏ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، شيرين رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا جڏهن ته ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو ۽ اُن کي سمورا اختيار ڏنا ڇو ته اسين ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ چاهياون ٿا ۽ هر صورت ۾ اُن جو تحفظ ڪنداسين. اڳوڻي صدر چيو ته اسان خيبرپختونخواهه کي نالو ڏئي سڃاڻپ ڏني جڏهن ته 18 هين آئيني ترميم ئي ملڪ ۾ اصل تبديلي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *