پ پ پاران فوجي عدالتن جي مدي ۾ 2 سال واڌ رد، هڪ سال واڌ قبول آهي: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر، اعتزاز احسن، چوڌري منظور سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي ترجمان فرحت الله بابر چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي 9 نڪاتي ايجنڊه تي قائم آهي، اسان پنهنجي موقف تان ناهيون هٽيا، اسان فوجي عدالتن جي حوالي سان ترميم آڻينداسين، هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسان فوجي عدالتن تي حڪومت جي ڳالهه مڃي ورتي آهي، پيپلز پارٽي حڪومتي مسودي سان اتفاق وارين خبرن جي ترديد ڪري ٿي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ قبول آهي، 2 سالن جي واڌ قبول نه هئي، نه ان کي قبول ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *