پ پ وارن حڪومت کي هميشه ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو، نوڪريون وڪيون پيون وڃن: شهريار مهر جو الزام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جَي اڳواڻ شهريار مهر چيو آهي ته پ پ وارن حڪومت کي هميشه ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي، هاڻ صوبي ۾ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان جا ذميوار وڏو وزير ۽ اسپيڪر هوندا. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته سنڌ پوليس ۾ 10 هزار ڀرتيون سياسي بنيادن ۽ پئسن عيوض ڪيون ويون، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. هـُن چيو ته 32 ڊي ايس پيز سڌا سنوان ڀرتي ڪيا پيا وڃن، جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته گهوٽڪي ۾ هڪ ايم پي اي تي نوڪرين لاءِ پئسا وٺڻ جو ڪيس داخل ٿيو آهي، جنهن مان سنڌ سرڪار جا ڪرتوت واضح آهن. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ پوليس جي جوانن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ وزيراعظم، آرمي چيف ۽ وڏي وزير شرڪت ڪئي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيل پريڊ ۾ صرف آءِ جي شريڪ ٿيو. شهريار مهر چيو ته شڪارپور ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، هاڻ صوبي ۾ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان جا ذميوار وڏو وزير ۽ اسپيڪر هوندا. پرويز مشرف بابت ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هو مستقل ۾ اڳوڻي صدر جو سياسي رول نٿو ڏسي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *