پ پ هميشه معذورن ۽ پورهيتن جو قدر ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه معذورن ۽ پورهيتن جي قدر ڪئي آهي. پيپلز پارٽي مزدورن، هارين ۽ پورهيتن جي پارٽي آهي ۽ اسان جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، اسان جي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو کان پوءِ هاڻ اسان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ان ويزن ۽ مشن کي کڻي اڳتي وڌي رهيا آهن. صوبي جي معذور ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي  مشڪلاتن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ اسان جي اوليج ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان سمورا قدم کڻي رهيا آهيون. هو سومر تي پنهنجي آفيس ۾ ڪنڌڪوٽ جي ٽن معذورن کي خصوصي موٽرسائيڪلن جي فراهمي جي موقعي تي ساڻن ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي ڪنڌڪوٽ جي ٽن معذور ماڻهن محمد صالح، بشير احمد ۽ مولاداد کي صوبائي وزير پنهنجي هٿن سان نئين خصوصي موٽرسائيڪلن جو تحفو ڏنو ۽ کين روڪ رقم به ڏني. ان موقعي تي انهن ٽنهي ماڻهن صوبائي وزير جو شڪريو ادا. شرجيل ميمڻ چيو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان هن صوبي جي هڪ هڪ ماڻهو ۽ خاص ڪري ڪنهن سبب معذور ٿيندڙن جي مڪمل مدد ڪريون. هن چيو ته هن ملڪ جي آئين جي خالق ۽ پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن هن ملڪ جو آئين ٺاهيو ته هن آئين ۾ جتي اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرايو بلڪ هن معذورن لاءِ به مخصوص ڪوٽا کي مختص ڪرايو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت ۽ ان کان اڳ جي حڪومت به معذورن کي ميرٽ تي به نوڪريون ڏنيون ۽ کين مخصوص ڪوٽا کان وڌيڪ نوڪريون به ڏنيون ويون ۽ هاڻ به اسان ان تي گامزن آهيون. هن چيو ته ڪنڌڪوٽ جا اهي ٽيئي رهواسي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ کيس گذارش ڪئي ته کين پنهنجي سفر جي غرض سان موٽرسائيڪلون گهربل آهن، جنهن تي مون فوري طور تي خصوصي آرڊر تي هڪ هفتي اندر اندر اهي ٽيئي خصوصي موٽرسائيڪلون تيار ڪرايون ته جيئن انهن کي سفر جو سامان ميسر ٿي سگهي. هن سمورن معذور ماڻهن جي جذبي کي ساراهيو ته انهن ٽنهي همت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پنهنجي ڪاروبار کي ترجيح ڏني ۽ سرڪاري نوڪرين بجاءِ هو اڄ پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ ان ڪاروبار کي وسيع ڪرڻ جي غرض جڏهن کين مشڪلات ٿي ته هن مون سان رابطو ڪيو ۽ مون انهن جي ان مطالبي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ پورو ڪيو ۽ اهو منهنجو ڪو احسان ناهي بلڪ منهنجي صوبي جي انهن ماڻهن جو حق هو، جيڪو مون کين فراهم ڪيوآهي. هن ٽنهي ماڻهن کي ڪنڌڪوٽ ڏانهن روانو ڪيو ۽ کين سموروسفري خرچ ۽ تحفا پيش ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *