پ پ ميمبر قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ شيو سينا خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪن: بلاول ڀٽو جي هدايت

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي، سينيٽ، صوبائي اسيمبلين ۽ آزاد ڪشمير اسيمبليءَ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي شيو سينا جي دهشتگردن طرفان پاڪستان ۽ پاڪستاني شهرين کي ڌمڪيون ڏيڻ، ڀارت ۾ دلت ٻارن کي ساڙي مارڻ، ڀارتي وزير ۽ اڳوڻي ڀارتي فوجي سربراهه آر ڪي سنگهه طرفان دلت ٻارن بابت توهين آميز ريمارڪس ڏيڻ خلاف مذمتي ٺهراءَ ايوانن ۾ پيش ڪن، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوري دنيا کي ڀارت جي انهيءَ جنگي جنون جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. واضح رهي ته پاڪستاني شهرين، مايه ناز ڳائڻي غلام علي، پاڪستاني اداڪارن ۽ ڀارت جو دورو ڪندڙ ڪرڪيٽ جي عملدارن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڀارتي شهر فريدآباد ۾ شيو سينا جي حامين ٻن دلت ٻارن کي زنده باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو، ڀارتي مملڪتي وزير ۽ اڳوڻي فوجي سربراهه آر ڪي سنگهه انهي واقعي بابت ريمارڪس ڏيندي چيو هو ” جيڪڏهن ڪُتي کي پٿر لڳو ته ان جو الزام بي جي پي تي نه هڻو“، سندس انهي جملي پوري دنيا جي انساني حقن جي ڪارڪنن کي ڪاوڙائي وڌو هو، پاڪستان پيپلزپارٽي جاپارلياماني اڳواڻ پنهنجي پنهنجي چونڊيل ايوانن ۾ اهڙا ٺهراءُ پيش ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *