پ پ سان سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن: چوڌري شجاعت

لاهور (بيورو) پ پ پنجاب جي صدر منظور حسين وٽو مسلم ليگ قاف جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪري سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد تي ڳالهيون ڪيون آهن، ٻنهي اڳواڻن خواهش ظاهر ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺي. سينيٽ چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۾ اتحاد لاءِ ميل ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پ پ پنجاب جي صدر منظور وٽو لاهور ۾ مسلم ليگ قاف جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو ته پ پ سان سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪا به حڪومت يا معاشرو مخالف ڌر کانسواءِ نٿا هلي سگهن، حڪومت جي هر غلط قدم جي مخالفت ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي منظور وٽو چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ مختلف پارٽين سان ڳالهيون هلندڙ آهن، سندس خواهش آهي ته عمران خان اسيمبلي ۾ موٽي اچي ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور وٽو چيو ته گذريل ڏينهن دوران ٿيل بجلي بريڪ ڊائون جو مثال نٿو ملي،  حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر بجلي ئي ختم ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *