پ پ حڪومت عورتن کي برابري وارا حق ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ملڪ جو پهريو ن صوبو آهي جتي گهريلو ملازمن جي تحفظ لاءِ قانون سازيءَ وارو بل تيار ڪيو ويو آهي جيڪو اسيمبليءَ جي ايندڙ سيشن ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته نياڻين جي تعليم ۽ عورتن جي ترقي جي ٻين منصوبن ۾ سنڌ حڪومت کي بيپناهه ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن جنهن سبب صوبي اندر جنسي برابري ۽ عورتن جي اقتصادي ترقي جا نوان رستا کلي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جرگي واري نظام جي سخت خلاف آهي ۽ اهڙين سرگرمين خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن ۽ صوبي جي هر فرد کي ملڪ جي قانون تحت بلا امتياز انصاف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ گڏيل قومن جي عورتن جي اداري ”يو اين وومين“ جي پاڪستان جي نمائندي جمشيد ايم قاضي جي سربراهي ۾ ايندڙ ٽي رڪني وفد سان سي ايم هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ مهوش ايم شاهه ۽ سنڌ جي پروگرام آفيسر ميڊم عظميٰ به شامل هئي. وڏي وزير يو اين وومين طرفان سنڌ جي 8 ضلعن ۾ عورتن جي اقتصادي ترقي بابت پروگرام جي واکاڻ ڪندي انهيءَ حوالي سان پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته پ پ پ حڪومت عورتن کي برابري وارا حق ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. وفد سان ڳالهائيدي وڏي وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي واحد اڳواڻ هئي جيڪا عورتن جي تعليم، روزگار ۽ اقتصادي ترقي جو سڀ کان وڌيڪ خيال رکندي هئي ۽ ان جي ويزن مطابق سنڌ سرڪار صوبي ۾ بي زمين هاري عورتن ۾ 65 هزار ايڪڙ زمين مفت ورهائي ۽ هارپي لاءِ ٻج، فرٽلائيزر ۽ مالي سهڪار به ڪيو. انهيءَ کان سواءِ سنڌ حڪومت صوبي ۾ نياڻين لاءِ گرلز يونيورسٽيون ۽ شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج به قائم ڪري رهي آهي ته جيئن صوبي ۾ نياڻين جي تعليم ۾ همت وڌائي سگهجي. جنهن ڪري صوبي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ نياڻين جي تعداد اضافو ٿيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ پوليس ۾ عورتن جي همت وڌائڻ لاءِ ريگيولر ڀرتين کان سواءِ الڳ سان وومين ڪمانڊو فورس بڻائي وئي آهي. ان کان سواءِ سنڌ پوليس جي ضلعي سربراهه جي عهدي تي عورت پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جا سٺا نتيجا حاصل ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير وفد کي وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ سرڪار پرائيمري ۽ سيڪنڊري سطح تي نياڻين لاءِ تعليم جي حوصلي افزائي ۽ داخلا کي وڌائڻ لاءِ شاگردياڻين کي وظيفو به فراهم ڪري رهي آهي ۽ تعليم جي مڪمل ٿيڻ تي سندن ڪوٽا سسٽم سان گڏ ميرٽ تي روزگار ڏنو پيو وڃي ۽ ضلعي ٿر پارڪر جهڙي پوئتي پيل علائقي سان تعلق رکندڙ عورتن کي روزگار جي موقعن ۾ ترجيح ڏني ويندي آهي. وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه وفد کي وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ملڪ جو پهريون صوبو آهي جتي گهريلو ملازمن جي تحفظ لاءِ قانون سازي جو بل تيار آهي جنهن کي اسيمبليءَ جي ايندڙ سيشن ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته جرڳي سسٽم خلاف آهيون ۽ ان جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي عورتن جي ڀلائي واري کاتي ۾ عورتن جي ترقي جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ وڏي وزير وفد کي انهن منصوبن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. انهيءَ موقعي تي وڏي وزير يو اين وومين جي وفد کي سنڌ جي 8 ضلعن ۾ عورتن کي اقتصادي لحاظ سان بااختيار بڻائڻ جي پروگرام لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ هن وفد کي سنڌ اندر سنڌ حڪومت جي پروجيڪٽس جي رهنمائي لاءِ ثقافت واري صلاحڪار شرميلا فاروقي ۽ ايم پي اي روبينا قائمخاني کي ٽاسڪ ڏنو. ان موقعي تي يو اين وومين جي پاڪستان ۾ نمائندي جمشيد ايم قاضيءَ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ، گهريلو ملازمن ۽ ورڪرن جي فلاح جي حوالي سان سنڌ صوبي جي کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته چئني صوبن جي دوري بعد هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته سنڌ صوبو ان لحاظ کان پوري پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي آهي. هن وڏي وزير کي ٻڌايو ته انهن جو ادارو ميرپورخاص ۽ دادو ۾ ٻوڏ متاثر عورتن جي بحاليءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته يو اين وومين سنڌ جي 8 ضلعن حيدرآباد، سانگهڙ، گهوٽڪي، سکر ، ٺٽو، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ سول آرگنائزيشن جي مدد سان عورتن جي اقتصادي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ اسان انهن ضلعن جو دورو ڪري اتان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان ملاقات ڪرڻ چاهيون ٿا. وڏي وزير وفد کي صوبي ۾ انهن جي ڪم ۾ آيل رڪاوٽن جي حل ۽ سهولتون ڏيڻ جو يقين ڏياريو. وزير اعليٰ سنڌ جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو به ملاقات ۾ شريڪ هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *