پ پ جي ڪردار ڪشي ڪندڙ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن: قمر الزمان ڪائره

لالا موسيٰ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جَي جنرل سيڪريٽري قمر الزمان ڪائره چيو آهي تهبلاول ڀٽو زرداري کي اپوزيشن اڳواڻ بڻائڻ بابت حتمي فيصلو ناهي ٿيو، پ پ جي ڪردار ڪشي ڪندڙ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن. لالا موسيٰ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر الزمان ڪائره چيو ته  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلد دبئي مان ڏيهه واپس ايندو. هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري شيڊيول موجب دبئي ويو، جِتان هـــُــو ڪجهه ذاتي مصروفيتن سبب آمريڪا ويندو. قمر الزمان ڪائره چيو ته آصف علي زرداري آمريڪا کانپوءِ طئي ٿيل پروگرام موجب پاڪستان موٽي ايندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جي ڪردار ڪشي ڪندڙ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، کين ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. پ پ اڳواڻ قمر الزمان ڪائره وڌيڪ چيو ته  پيپلز پارٽي جي عظيم قربانين سبب ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿي، جنهن کي ڊي ريل نه ٿيڻ ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *