
ڪراچي (م.ڊ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ڪنوينشن تي هلان ڪري ڪارڪنن مٿان لٺبازي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي، بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀُٽي زرداريءَ جو چوڻ هو ته حڪومتي پارٽيءَ کي برداشت کان ڪم وٺڻ گھرجي، پ پ سربراهه موجب پوليس جوڪارڪنن تي تشدد مذمت جوڳو آهي، عورت ڪارڪنن تي تشدد پوليس ۽ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، عورتن ۽ ڪارڪنن تي لٺيون وسائڻ مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي. حڪومت کي سهپ ۽ برداشت کان ڪم وٺڻو هو.