پ پ جي نائب صدر شيري رحمان بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان جنرل سيٽ تي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي وئي،سندس چوڻ هو ته هوءَ ايوان ۾ وڃي غريب ماڻهن جو آواز اٿاريندي. سنڌ مان سينيٽر عبداللطيف انصاري جي استعيفيٰ کانپوءِ سينيٽ جي خالي سيٽ تي پ پ اڳواڻ شيري رحمان کانسواءِ ڪنهن ٻئي اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا. صوبائي اليڪشن ڪميشن شيري رحمان جو فارم درست قرار ڏنو جنهن بعد هوءَ بنا مقابليسينيٽر چونڊجي وئي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته هوءَ پ پ قيادت جي ٿورائتي آهي جو کيس ٽيون ڀيرو ايوان ۾ آڻڻ لاءِ سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني آهي. هن چيو ته هوءَ سينيٽ ۾ سنڌ سميت ٻين صوبن جي غريب طبقي جي ماڻهن جو آواز اٿاريندي. پ پ اڳواڻ شيري رحمان وفاقي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي چيو ته بجيٽ تي بحث ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو. هن چيو ته ميٽرو بس هلائڻ وارو منصوبو ٺيڪ آهي پر عوام 18ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ کان تنگ اچي چـُڪو آهي . شيري رحمان چيو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي سرگرم ڪيو ويندو ۽ نئين تنظيم سازي ڪئي ويندي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ آمريت هميشه پ پ جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. شيري رحمان چيو ته گلگت بلتستان ۾ اڳ به پ پ پهرين نمبر تي رهي ۽ هاڻي به کين اميد آهي ته پ پ ئي ڪامياب ٿيندي. نئين چونڊيل سينيٽر شيري رحمان، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران پ پ جي وڪيل سان بداخلاقي جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *