پ پ جي سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي آهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو پاران ملير پريس ڪلب جي سالياني چونڊ 2016ع ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ عهديدارن صدر آغا طارق ۽ ٻين ڪامياب عهديدارن کي مبارڪ ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهي ملير جي سڀني صحافين کي گڏ کڻي هلندا ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪندا. صوبائي صلاحڪار چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي آهي ۽ ملير جي صحافين جا مسئلا به اوليت جي بنياد تي حل ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *