پ پ جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط، آءِ جي سنڌ کي ننڍي چونڊ ۾ غير جانبدار رهڻ جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيف چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي آءِ جي سنڌ کي ننڍي چونڊ ۾ غير جابندار رهڻ جو حڪم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پ پ اليڪشن سيل جي انچارج تاج حيدر پاران چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط روانو ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته آءِ جي سنڌ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو، ڄاڻايل قدم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 5 (4) جي ڀڃڪڙي آهي، تاج حيدر موجب اهو ممڪن ناهي ته اعليٰ حڪومتي عهدي تي ويٺل ماڻهن ان قانونن کان واقف نه هجي جيڪي عام ڪري ڳالهه ٻولهه ۾ بحث هيٺ اچن ٿا، آءِ جي سنڌ عمر ڪوٽ جي ايس ايس پي ۽ ڊي سي تي شڪ جو اظهار ڪري پنهنجي جانبداري کي ظاهر ڪري ڇڏيو، تاج حيدر موجب چيف اليڪشن ڪمشنر کي اختيار آهي ته هو ڪوتاهي ڪندڙ ڪنهن آفيسر جي خلاف ڪارروائي يا اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿو، تاج حيدر ٻڌايو ته اليڪشن ڪمشنر انصاف لاءِ آءِ جي کي هدايت ڪري ته اهو غير جانبدار ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجي عهدي جو وقار بلند رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *