پ پ جو سنڌ ڊي 4 ڊسمبر تي لاهور ۾ ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو اجلاس پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي صدرات هيٺ اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه. اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، سڌ سماءَ وارو سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ابتدا ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسٽيج سيڪريٽري جا فرض وقار مهديءَ نڀايا. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پارٽي آرگنائيزيشن پروسيس جي تفصيلن بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو ۽ هن نون چونڊيل عهديدارن کي واڌايون ڏنيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو 49هين يوم تاسيس لاهور ۾ ملهايو ويندو ۽ ان حوالي سان 30 نومبر تي لاهور ۾ تقريب معنقد ڪئي ويندي. هن چيو ته پهرين ڊسمبر تي پيپلز پارٽي سنڌ جو ڏينهن هوندو جنهن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سمورن شارٽ لسٽڊ اميدوارن سان ملاقات ڪندو ۽ اهڙي ريت نوان عهديدار چونڊجي ويندا. نثار احمد کهڙي وڌيڪ چيو ته اسان سنڌي ٽوپيءَ وارو ڏينهن لاهور ۾ ملهائينداسين ۽ چيئرمين پيپلز پارٽيءَ جي خواهش آهي ته اوهان سڀ چونڊيل نمائندا، ٽڪٽ هولڊرز، ذيلي تنظيمن جا عهديدار ۽ پارٽيءَ جا ماڻهو ان ۾ ڀرپور ريت شرڪت ڪن. هن چيو ته سنڌ ڊي 4 ڊسمبر تي لاهور ۾ ملهايو ويندو ۽ اوهان سمورا 30 نومبر تي لاهور پهچڻ جي تياري ڪريو. نثار احمد کهڙي چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي تياري به اوهان ڀرپور انداز ۾ ڪريو. هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پارٽيءَ کي ڀرپور انداز ۾ فعال ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به اجلاس کي خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب جي شروعات جيئي ڀٽو جي نعري سان ڪيو. هن چيو ته يوم تاسيس پارٽيءَ جي ڄم جو ڏينهن آهي ۽ پارٽي چيئرمين جو حڪم آهي ته يوم تاسيس ۾ ڀرپور ريت شرڪت ڪئي وڃي. ٻئي طرف سنڌ جي سينيئر وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ حڪومت وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار ۽ صوبائي صلاحڪارن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي. اهڙن خيالن جوا ظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آئين ۾ اهڙي ڪا به پابندي ناهي ته اڻ چونڊيل شخص صلاحڪار نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اهڙي پريڪٽس نه صرف سنڌ پر مرڪز ۾ به آهي ۽ مرڪز ۾ به اڻ چونڊيل حڪومت جو حصو آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت وٽ اپيل داخل ڪرڻ جو حق حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *