پ پ جو حڪومت مخالف تحريڪ تي غور، ڪارڪن کي تيار رهڻ جي هدايت

لاهور (اين اين آءِ) پ پ پ  جو چيرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ پ  ڏکڻ پنجاب پاران ملتان، بهاولپور ۽ ڊيراغازي خان، مظفر ڳڙهه، بهاولنگر لياهه ۾ گو نواز گو جي ريلين جي انعقاد کي شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ته ان کان ڪيترائين هر پاڪستاني نوازشريف کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ان کي اقتدار کان الڳ ڪري، اها ڳالهه هن ڏکن پنجاب پارٽي جي صدر مخدوم سيد احمد محمود سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪئي بلاول ڀٽو زرداري تصور، جمهوريت ۽جمهوري اقتدار کي سخت نقصان پهچائڻ واري نوازشريف ۽ ان جي ٽولي هڪ ئي وقت يلغآر ڪرڻ تي ڏکڻ پنجاب  جي صدر ۽ ان ٽيم ۾ شامل ٻين عهديدارن ۽ پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته نوازاينڊ ڪمپني ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمرن جي ڪڇ پلجي وڏا ٿيندڙ قوم ۽ملڪ جي خدمت ڪرڻ بدران صرف پنهنجي ناپاڪ ارادن کي پورو ڪرڻ لاءَ سياست ۾ اچن ٿا. هن  چيو ته نوازشريف جي اڳيان صرف استعيفا ڏيڻ جو رستو آهي، ان نشآندهي ڪندي چيو ته ڇا اها حيران ڪندڙ ڳالهه نه آهي ته پاناما رپورٽ موجب وزيراعظم هائوس اچڻ کانپوءِ شريف فيملي هر فرد دوران 1991، 1992، 1993 هر سال پنهنجي اثاثن ۾ گڏيل طور تي 16.6 سيڪڙو واڌ ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڻ نوازشريف واعدو ڪيو ته ڪو هڪ به ثبوت ان جي خلاف مليو ته هواستعيفا ڏيندو پر هاڻي ثبوتن سان ڀريل دٻو سڄي قوم جي اڳيان اهي پر هو پنهنجي واعدي کان ڦري ويو. هن چيوته  پ پ پ ورڪر سڄي ملڪ ۾ گو نوازگو جا نعرا لڳائڻ ۽ ريليون ڪڻ بند نه ڪندا جيستائين پاڪستان جو عوام نوازشريف کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور نه ٿي ڪري. هن پنهنجي پارٽي ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ گو نوازگو ريلين جو انعقاد ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *