پ پ جمهوري پارٽي آهي، ملڪ ۾ جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪوشان آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات ۽ آبپاشي واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي، جيڪا ملڪ ۾ جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪوشان آهي. پي پي پي جي ان جدوجهد سبب جمهوري حڪومت پنج سال نه صرف مڪمل ڪيا بلڪ جمهوري انداز سان اقتدار ۾ ايندڙ حڪومت کي اقتدار پرامن طور تي منتقل ڪيو ويو. صوبائي وزير اطلاعات اها ڳالهه اربع ڏينهن هڪ استقباليه کي مقامي ڪلب ۾ خطاب ڪندي چئي. استقباليه هڪ ماهوار ميگزين جي ايڊيٽر دردانه شهاب پاران ڏنو ويو هو، جنهن ۾ ميڊيا جي صنعت سان واڳيل سينيئر صحافين، ايڊيٽرن، فنڪارن ۽ صنعتڪارن شرڪت ڪئي ۽ نثار احمدکهڙو کي نئين وزارت ملڻ تي مبارڪون ڏنيون. نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي کي ماضي ۾ ختم ڪرڻ جون گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون ويون، پر پارٽي عوام جي مدد سان هر هر اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به جماعت جي حڪومت کي پنهنجي مدت پوري ڪرڻ نه ڏني ويندي هئي ۽ ڊڪٽيٽر جمهوريت دشمن عناصر سان گڏجي جمهوريت کي پروان نه چڙهڻ ڏنو ويو. نثار  احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جي مصالحت تي ٻڌل پاليسين نه صرف جمهوريت جو تسلسل برقرار رکيو بلڪ پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سياسي قوتن کي گڏ رکيو ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد جي جنهن جي مثال ايم آر ڊي ۽ اي آر ڊي جهڙن اتحادن جو قيام هو. بينظير ڀٽو اڄ اسان ۾ نه آهي پر ان جي ياد ۽ ان جي جدوجهد اسان لاءِ مشعل راهه آهي ۽ پيپلز پارٽي ان جي ٻڌايل رستي تي هلي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي هميشه آزاد صحافت تي نه صرف يقين رکي ٿي بلڪ آزاد صحافت جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ اڄ به صحافين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته اطلاعات کاتي جو قلمدان هڪ چئلينج آهي ۽ اهو چئلينج ان قبول ڪيو آهي ته جيئن آزاد صحافت کي وڌيڪ پروان چڙهايو وڃي. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا جا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ سڌوسنئون ميڊيا جي ماڻهن سان رابطن تي يقين رکان ٿو. تقريب ۾ اي پي اين ايس جي اڳوڻي سيڪريٽري قاضي اسد عابد، الياس شاڪر، فنڪارن، ڪراچي پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر طاهر حسن خان، ايڊيٽر ايڪسپريس طاهر نجمي، ايڊيٽر امت سجاد عباسي ۽ جي ايم جمالي به خطاب ڪيو. تقريب ۾ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات ذوالفقار علي شالواڻي، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد يوسف ڪابورو، ٽي وي اينڪر ناجيه اشعر، مشهور اداڪار ساجد حسين ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *