پ پ بلوچستان مٿان 170 ارب روپين جو قرض هڪ منٽ اندر معاف ڪيو: خورشيد شاهه

جيڪب آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته بلوچستان جي سمورن وسيلن تي بلوچستان جي عوام جو حق آهي بلوچستان مان احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ پ.پ.پ پنهنجي گذريل دور حڪومت ۾ بلوچستان مٿان وفاق جو 170ارب رپيا قرض وڏي وزير جي درخواست تي هڪ منٽ اندر معاف ڪيو ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت بلوچستان کي وفاق کان ملندڙ ساليانو حصو 47 ارب رپين کان وڌائي 110 ارب رپيا ڪيوسين اهڙن خيالن جو اظهار جو هن بلوچستان جي روحاني حستي درگاهه شهنشاهه بادشاهه جي گادي نشين سردار عبدالله شاهه جي ڳوٺ ۾ سندس ننڍي ڀاءُ خادم حسين شاهه ۽ پٽ سيد عمران شاهه جي پنهنجي ڪيترين ئي حامين سميت پ.پ.پ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ۽ صحافين کي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلوچستان جي عوام پ پ پ جي سچ جي ننڍڙي گنڍ کي ڇڏي ڪوڙ جي جبل کي ڀاڪر وڌا تنهن سبب هاڻي هو پ پ پ جي حڪومت کي ياد ڪري رهيا آهن هن چيو ته اسان ۾ به ڪجهه خاميون آهن جنهن سبب اسين هن دفعي بلوچستان کان هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهيا سين ڇاڪاڻ ته بلوچستان کي ايتري رقم ڏيڻ باوجود اها صحيح نموني عوام تائين نه پهتي بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڄ به صحت ۽ تعليم جهڙي اهم بنيادي مسئلن کان محروم آهن بلوچستان جا معصوم ٻارڙا ۽ عورتون علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا ۽ هو تعليم کان به محروم آهن هن چيو ته بلوچن سان آمرن پاران ٿيل ناانصافين سبب بي ايل اي جهڙيون ويڙهاڪ تنظيمون عمل ۾ آيون ۽ بلوچ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ خاطر جبلن تي چڙهي ويا آهن اڄ جا حڪمران بولان واري علائقي ۾ امن قائم نه ٿيا ڪري سگهن پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ذهانت سان ڀارت وٽ قيد 90 هزار فوجي ۽ 5 هزار مربا ميل زمين آزاد ڪرائي آمريت جي سياست سبب بلوچستان ۾ نو گو ايرا قائم ٿيا جيڪي جمهوريت ۾ نه هئا اڄ اسان کي بلوچستان جي ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ پروٽوڪول جي ضرورت پوي ٿي ڪنهن کي احساس آهي ته عام ماڻهون پهنجي ڳوٺن تائين ڪئين پهچي ٿو. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ نواز شريف ۽ عمران خان ائين هڪ ٻئي کي ڀاڪر وڌا ته جئين وڇڙيل ڀائر مليا هجن، ڪجهه مهينا اڳ جڏهن حڪومت ختم ٿيڻ واري هئي ان مهل اسين حڪومت جو ساٿ ڏئي ڪنٽينٽر مٿان بيهي ٻين جي اشارن تي ڳالهائيندڙن کي شڪت ڏئي خاموش ڪري ڇڏيو سين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته الطاف حسين بادشاهه آهي ڪڏهن هو فوج جي حمايت ۾ بيان ڏيندو آهي ته وري ڪڏهن مخالف ڪندو آهي سندس جي سياسي مستقبل بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ڀٽو جي پالسين سبب 1970 ۾ وڏا وڏا بت ڪري پيا ۽ پاڻ کي وڏا وڏا سردار سڏائيندڙ 1977 ۾عوام وٽ ووٽ گهرڻ لاءِ زمين تي ويهي منٿون ڪندا رهيا ۽ ڀٽو مٿان تنقيد ڪندڙن جا وات بند ٿي ويا. ان کان اڳ ڪشمور ضلعي سان تعلق رکندڙ ف ليگ اڳواڻ ۽ پي ايس 18 جو اميدوار ڊاڪٽر اقرار علي جکراڻي، نظير حسين، نور الدين جکراڻي، فنڪشنل ليگ لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڊويزنل جنرل سيڪريٽري عالمگير خان ڪوش ۽ ٻين پنهنجي حامين سميت پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي سردار عبدالله شاهه،سيد عنايت حسين شاهه،پ پ بلوچستان جو صوبائي صدر مير صادق عمراڻي، اڳوڻو صوبائي وزير محمد امين عمراڻي، سليم کوسو، ظهور کوسو، فرحان شاهه، محمد اسلم گولو ۽ ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *