پ پ اڳواڻن جي قربانين جمهوريت ۽ آمريت ۾ فرق چڱي ريت سمجهائي ڇڏيو آهي: خورشيد شاهه

لاڙڪاڻو(بيورو) قومي اسميبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته قربانين کين هميشه جمهوريت ۽ آمريت جو سبق سيکاريو آهي. قومي اسميبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه نئين ديري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي گواهه آهي ته جمهوريت کي جڏهن به خطرو ٿيو آهي ته پ پ ئي قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو وجود بينظير ڀٽو جي قربانين جو ثمر آهي. خورشيد شاهه چيو ته هو جمهوريت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ۾ آزاد ۽ مضبوط جمهوريت جو خواب پورو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *