پ پ ايم پي اي سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ جي خوشي ۾ ڏوڪري ۾ ريلي، مٺايون ورهايون ويون

ڏوڪري(نمائندو) پ پ ايم پي اي سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ جي خوشي ۾ ڏوڪري ۾ ريلي، مٺايون ورهايون ويون. تففصيل مطابق ڏوڪري مان چونڊيل پ پ ايم پي اي سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ جي خوشي ۾ پ پ اڳواڻ رئيس بشير گاڏهي، عابد ٻگهيو، سڪندر بروهي، اياز ٻٽ، يار محمد گاڏهي، غلام سرور جوڻيجو، استاد منير ڍڪڻ، احمد علي گاڏهي، مير گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موهن جو دڙو کان ڏوڪري تائين ڪارين ۽ موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته رئيس بشير گاڏهي جي اڳواڻي ۾ شهرين ڏوڪري شهر ۾ دهل ۽ شرنانين تي رقص ڪندي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافي عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻين کي مٺائي کارائي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رئيس بشير گاڏهي ۽ ٻين چيو ته پ پ عوام جي ترجمان پارٽي آهي، سهيل سيال جي گهرو وزير مان ثابت ٿيو ته پ پ ورڪرز جي پارٽي آهي. هن چيو ته سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ سان لاڙڪاڻو تمام گهڻي ترقي ڪندو ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال پڻ بهتر ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *