پ پ آمريتن کي منهن ڏنو جيل ڪاٽيا پر ڳوڏا نه کوڙيا، سازشون اڃان به جاري آهن: بلاول ڀٽو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي آمريتن جو ڀرپور مقابلو ڪيو، جيل ڪاٽيا پر گوڏا نه کوڙيا، 18 آڪٽوبر شهيدن جي ياد ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هيو ته تاريخ گواهه آهي ته هر دور ۾ ڪربلا برپا ٿيندي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي کي جن آزمائشن مان گذرڻو پيو آهي، ان جو مثال نٿو ملي، هزارين ڪارڪن ڦاسي جي ڦاهي تي چڙهي ويا، ڀٽو پيڙهيل طبقن جو قائد هيو، بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي چوڻ هيو ته پيپلز پارٽي ايوب خان جي آمريت جو مقابلو ڪيو، هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي قيام کان اڄ تائين آزمائشن مان گذري رهي آهي، پيپلز پارٽي کي قيام کان اڄ تائين جيترين آزمائشن مان گذري رهي آهي، پيپلز پارٽي کي قيام کان هيل تائين جيترين آزمائشن مان گذرڻو پيو، ان جو مثال نٿو ملي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته شهيد ڀٽو جي عوامي ۽ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جا جيالا ضياءَ جي آمريت سامهون سينو تاڻي بيٺا، سندس چوڻ هيو ته شهيد ڀٽو جي ڦاسي بعد ضياءَ سمجهيو ته هاڻي پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي، ان وقت بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو پارٽي جي ڪمان سنڀالي، جڏهن ڀٽو ڦاسي کان نه ڊنو ته بينظير موت کان ڪيئن ڊڄي سگهي پئي، چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته جمهوريت خلاف سازشون ختم ناهن ٿيون، بينظير هر جڳهه آمرن ۽ دهشتگ4ردن کي للڪاريو، شيطاني قوتن جي حملي ۾ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هيو ته شهيدن جي ياد ملهائڻ جا ٻه طريقا هوندا آهن، هڪ طريقو ڳوڙا ڳاڙي سوڳ ملهائڻ آهي، جڏهن ته ٻيو طريقو سوڳ ملهائي قاتلن کي بي نقاب ڪرڻ آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سياست منهنجي لاءِ عبادت آهي، جيڪا منهنجي وڏن ڪئي، مان به ڪري رهيو آهيان، جيستائين ڦرلٽ جو نظام قائم آهي، جيستائين هاري مزدور ۽ غريب ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجندا رهندا، جيستائين عوام بنيادي حقن کان محروم رهندو، تيستائين هن ناسور جو خاتمو نه ٿيندو، جيڪڏهن هن ناسور جو خاتمو ڪرڻو آهي ته چهرا نه استحصالي نظام بدلائڻو پوندو، اسان جي جدوجهد استحصالي نظام بدلائڻ لاءِ آهي، ميان صاحب جي معاشي پاليسي سبب غريب غريب تر ۽ امير امير تر ٿيندو پيو وڃي، قومي ادارا پستي طرف وڃي رهيا آهن، ملڪ قرضن ۾ وڪوڙيل آهي، ملز ۽ ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن، مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري رهيو آهي، نه مزدور جو ڪو حال آهي، نه هاريءَ جو، نوڪري پيشا ماڻهو پنهنجي نوڪري بچائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن، ٻڌو ڀائرو، ميان صاحب چئي رهيو آهي ته ترقي ٿي رهي آهي، انهن جا پراجيڪٽ وقت کان اڳ پورا ٿي رهيا آهن، ته مان پڇان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي وفاق جا هڪ اڌ پراجيڪٽ آهن، اهي پورا ڇو نه ٿي رهيا آهن، اسان کان سپر هاءِ وي جو پراجيڪٽ کسي موٽر وي بڻائڻ جو آسرو ڏنو، موٽر وي ڇو نه مڪمل ٿي رهيو آهي، اوهان موٽر وي تي حادثي جو بهانو بڻائي موٽر کي کي رولي ڇڏيو، اهي رڳو دوکو ڏيڻ جا ماهر آهن، هنن رڳو اربين رپين جا اعلان ڪيو، هڪ دفعو منهنجي سامٿهون ٿر جي لاءِ 2 ارب رپين جي پروگرام جو اعلان ڪيو، اهو اعلان ڪيڏانهن ويو، سنڌ واسيو، ٻيو مان اوهان کي ڇا ٻڌايان، تازو حال ئي ۾ نئين وزيراعظم صاحب ايم ڪيو ايم کان پنهجو ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 3 ارب رپين جو اعلان ڪيو، نيو جتوئي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ جلسو ڪيو، ان ۾ به اربين رپين جا اعلان ڪيا ويا، هن چيو ته اڙي بابا ڪجهه نه ملندو، اهي رڳو اعلان ٿيندا آهن، ملڻو ڪجهه ناهي، اها رڳو پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، جيڪا سنڌ ۾ ڪم ڪندي آهي، سنڌ ۾ جيڪا به ڊولپمينٽ ٿي آهي، اها رڳو پيپلز پارٽي جي ڪري ٿي آهي، ميان صاحب هجي يا ايم ڪيو ايم، اهي جڏهن سنڌ ۾ ايندا آهن، چوندا آهن، سنڌ کنڊر بڻجي ويو آهي، اهو سڀ ڪوڙ ۽ دوکو آهي، سنڌ ڪڏهن کنڊر نٿي بڻجي سگهي، جنهن سنڌ کي شاهه لطيف، سچل ۽ سامي جي دعا هجي اها سنڌ ڪڏهن کنڊر نٿي بڻجي سگهي، سنڌ واسيو، مان اها دعويٰ نٿو ڪريان ته هتي سڀ ٺيڪ ٿي ويو آهي پر ڪم به گهڻو ٿيو آهي، هاڻي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اوهان حيدرآباد کي ئي ڏسي وٺو شهر هاڻي بهتر ٿي رهيو آهي، روڊ ٺهي رهيا آهن، اوور برجز ٺهي رهيا آهن، ايئن پوري سنڌ ۾ ڪم ٿي رهيا آهن، اهڙيءَ ريت درياهه مٿان پل بڻايا ويا آهن، درياهه جي ٻنهي پاسن ماڻهو ڳنڍي رهيا آهن، ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿي رهيو آهي، ان کانسواءِ سنڌوءَ تي غوثپور-گهوٽڪي پل جو به جلد ئي ڪم جي شروعات ٿي ويندي، جنهن سان گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي عوام کي سهولت ملندي، واهن ۽ ڪئنالن کي پڪو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچندو، اهو انقلابي ڪم آهي، تازو اوهان ٻڌو هوندو ته ارسا ربيع سيزن لاءِ 20 کان 30 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان سنڌ جي فصلن کي نقصان پهچندو، اها ڳالهه درست آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ آهي پر ارسا جي پاليسيءَ سان سنڌ کي تمام گهڻو نقصان پهچندو، پڇڙيءَ ۾ هجڻ جي حساب سان پاڻيءَ تي پهريون حق سنڌ جو بڻجي ٿو پر سنڌ سان پاڻيءَ جي ورڇ معاملي تي ناانصافي ڪئي وڃي ٿي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته جڏهن پاڻي وڌيڪ هجي ته پاڻيءَ جا منهن سنڌ ڏانهن کوليا وڃن ۽ جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ هجي ته سنڌ لاءِ پاڻيءَ جا در بند ڪيا وڃڻ، سنڌ حڪومت واٽر ڪورسز کي پڪو ڪرڻ جي اسڪيم تي به ڪم ڪري رهي آهي، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو پيو وڃي، هائير سيڪنڊري جي تعليم جو خرچ حڪومت ڀريندي، اسڪول ويندڙ ٻارڙين کي ساڍا 3 هزار وظيفو ڏنو پيو وڃي، نيون اسپتالون ۽ ٽراما سينٽرز بڻايا ويا آهن، ڪڊني سينٽرز ۽ برن سينٽرز جيڪي رڳو ڪراچي ۾ هوندا هيا اهي هاڻي ٻين شهرن ۾ به بڻايا پيا وڃن.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته دادو کانپوءِ حيدرآباد ۾ چيئرمين صاحب جلسو ڪري حيدرآباد ڊويزن تي ٻي مهرباني ڪئي آهي، بي بي عوام کي آمرن ۽ ظالمن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو عزم ڪيو. حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 18 آڪٽوبر تي بي بي کي خبر هئي ته سندس حياتيءَ کي خطرو آهي، ايڏي وڏي سانحي کانپوءِ به شهيد بينظير ڀٽو ٻئي ڏينهن اسپتال پهتي. اڄ به اهو اسان جي واقعو اکين جي سامهون آهي.27 ،پ پ جي صوبائي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته آءِ ايس پي آر کي جمهوريت جي حوالي سان بيان ڏيڻ جي ضرورت ئي نه هئي، جمهوريت عوام جو ڪم آهي، اسان آئين ٺاهيو ۽ ادارا هلائي رهيا آهيون. ڪارساز تي ٿيندڙ دهشتگردي جي ايف آءِ آر پوليس پنهنجي مدعيت ۾ داخل ڪئي هئي. حيدرآباد ۾ جلسي دوران صحافين سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته اسان حفاظتي انتظامن جي حوالي سان پوليس ۽ انتظاميا کانسواءِ پاڻ مرادو به ڪم ڪندا آهيون، شهيد بينظير ڀٽو جي گاڏي جي ڀرپاسي ۾ پڻ ڪارڪن گڏ هوندا هئا. سندس چوڻ هو ته ڪارساز سانحي جي ايف آءِ داخل ڪرائڻ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي هٿ سان بيان لکيو، اسان بيان ٿاڻي ۾ کڻي وياسين پر پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪئي، پوليس فريادين کان پڇيو ئي نه ۽ پنهنجي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪئي، ان جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ واقعي واري هنڌ جي صفائي به ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اسان عدالت جو در کڙڪايو. عدالت جي حڪم تي اسان جڏهن ايف آءِ آر ڪٽرائڻ ٿاڻي پهتاسين ته ايس ايڇ او ئي گم ٿي ويو. نثار کهڙي چيو ته جيالن کي بلاول ڀٽو جي صورت ۾ بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو نظر ايندو آهي.27 پ پ اڳواڻن چيو ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو، عوام شهيد بينظير ڀٽو کي نٿو وساري سگهي. حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊيي چيو ته ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙو سياستدان اچڻ هاڻ ڏکيو آهي، اسان ڪنهن سان به مقابلو ڪرڻ نٿا چاهيون. ڄام خان شوري چيو ته ملڪ کي ترقي جي رستي تي رڳو پ پ آڻي سگهي ٿي، حيدرآباد ۾ رڳو پ پ ۽ بلاول جو آواز آهي. نويد قمر چيو ته شهيد راڻي جي نشاني کي ڏسڻ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، ملڪ جي دشمنن اڄوڪي ڏينهن تي حملو ڪيو، اهي اڄ به جيئرا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته هتي ڪرائي جا ماڻهو نه پر جيالا آيا آهن، بلاول حيدرآباد اچي جيالن جي عيد ڪرائي ڇڏي آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *