پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، وفاقي ڪابينا بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ تيل صاف ڪندڙ جديد ڪارخانا لڳائڻ ۽ موجوده ريفائنري جي گهٽ ۾ گهٽ پيداواري گنجائش هڪ لک بيرل روزانو وڌائڻ لاءِ تاريخي رعائتي پيڪيج جي منظوري ڏيئي ڇڏيو پئڪيج ۾ هر قسم جي ڊيوٽي، ٽيڪس، سرچارجز، ٻاهران آيل شين تي ليوي کان ڇوٽ ۽ 20 سالن لاءِ انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ جي رعايت شامل آهي جمعي تي وزيراعطم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو اي سي سي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ تيل صاف ڪندڙ جديد ڪارخانا لڳائڻ ۽ موجوده ريفائنريز جي گهٽ ۾ گهٽ پئداواري گنجائش هڪ لک بيرل روزانو وڌائڻ لاءِ تاريخي رعايتي پئڪيج جي منظوري ڏني هي فيصلو پارڪو ڪوسٽل ريفائنري پراجيڪٽ لاءِ به قابل عمل هوندو رعائتي پئڪيج ۾ هر قسم جي ڊيوٽي ٽيڪس سرچارجز ٻاهران گهرايل شين تي ليوي کان استثنيٰ ۽ 20 سالن لاءِ انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ جي رعايت شامل آهي پئڪيج تحت ريفائنري جي مرمت، آپريشن، تعمير، سامان جي خريداري، انجنيئرنگ ۽ پرڏيهي ڪانٽريڪٽرز ۽ سب ڪانٽريڪٽرز سان لاڳاپيل درآمدات ۽ وڌ هولڊنگ ٽيڪس ۽ هر قسم جي ڊيوٽي، ٽيڪسن، سرچارجز ۽ ليويز کان استثنا به شامل آهي ان کان سواءِ مقامي طور تي تيار ٿيندڙ تعميراتي سامان ۽ ريفائنري جي قيام جون خدمتون سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽين کان سستيون هونديون نون منصوبن کي جي ٽيز، سب سي/پائپ لائينن وغيره منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي ريفائنري منصوبو ايڪسپورٽ پراسيسنگ زون ۾ لڳائڻ جي صورت ۾ اي پي زيڊ اي رولز 1981 تحت برآداد جي ويليو تي قابل اطلاق ڊيولپمينٽ سرچارز معاف تصور هوندي هن فيصلي سان ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ نيون جديد ريفائنريز قائم ڪرڻ ۾ سهولت حاصل هوندي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گهٽ قيمت ۾ پيٽروليم شين جي فراهمي کي يقيني بنائڻ ۽ پيتروليم مصنوعات جو ٻاهران گهرايل بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بجيٽ پيش ڪرڻ پنهنجي ذميواري سمجهان ٿو جيئن حڪوتم ۽ ملڪ جو نظام هلندو رهي، انشاءَ الله چار مهينن کان پوءِ به اسان ئي حڪومت ۾ هونداسين. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ حڪومت جيڪا به هئي ان وٽ بجيٽ کي تبديل ڪرڻ جو مڪمل اختيار هوندو. هن چيو ته ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل طرفان پيش ڪيل بجيٽ ڪابينا جو فيصلو آهي ۽ ان ۾ ڪا به غير آئيني ڳالهه ناهي. اصولن اهو ٿيندو آهي ته جيڪو محنت ڪري تياري ڪري ۽ ليڊ ڪري ان کي پڙهي ٻڌائڻ ئي ان جو حق هوندو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته جيڪا ريليف مسلم ليگ نواز جي حڪومت ڏني اها ڪنهن بجيٽ ۾ ناهي ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *