پڪ اٿم پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو صفايو ٿي ويندو: جنرل راحيل شريف

اسلام آباد(اي پي پي) هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف مادرِ وطن جي حفاظت دوران حياتين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي.آرمي چيف جنرل راحيل شريف اوڪاڙا گيريزن جو الوداعي دورو ڪيو، جڏهن ته هن ملتان ۽ بهاولپور ۾ فوجي جوانن کي خطاب ڪيو. آءِ اي سي آر موجب فوجين کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو صفايو ٿي ويندو، رٽائرمينٽ جو فيصلو قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ڪيو، منهنجو ايمان آهي ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جا ايندڙ ڏينهن تمام سٺا هوندا، قوم جي خدمت جي لاءِ حاضر آهيان،، آرمي چيف چيو ته سرحدن جي حفاظت جوانن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، اهي اڳتي به عوامي خدمتن لاءِ پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن جو مظاهرو جاري رکن، جڏهن ته جنرل راحيل شريف اوڪاڙا گيريزن ۾ اسپيشل ٻارن لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو.  هو جمعي ڏينهن الوداعي دؤرن جي سلسلي ۾ 10 ڪور راولپنڊي جي دؤري دوران آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق جنرل راحيل شريف 10 ڪور جي دؤري تي چڪلالا گيريزن پهتو ته ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ملڪ ظفر اقبال سندس گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو. فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف مادرِ وطن جي حفاظت دوران حياتين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ٻئي طرف هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سان آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق جمعي ڏينهن جنرل راحيل شريف سان آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل پاڪ فوج جي سربراهه جي قيادت ۾ پاڪ فوج جي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *