پڪ آهي ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد رنگ لائيندي: صدر / وزيراعظم

مظفر آباد /اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ ڪشمير ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ تقريبن جو سلسلو جاري آهي. اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي تقريب ۾ ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ مظفرآباد کي ڪوهالا پل سميت مختلف هنڌن تي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي وئي، ٻارن سهيلي سرڪار پل کان آزادي چوڪ تائين مارچ ڪيو.ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ سموري ملڪ ۾ عام موڪل آهي، سموري ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو ويندو. صدر عارف علوي آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي اجلاس سان خطاب ڪندو جڏهن ته وزيراعظم آزاد ڪشمير اسيبملي ميمبرن سان گڏ عالمي قومن جي آفيس  ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائيندو. مختلف سياسي جماعتن طرفان به سموري ملڪ ۾  ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي وحشياڻن ظلمن، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن کي گم ڪري مارڻ جهڙن افسوناڪ واقعن تي عالمي برادري اڳيان آواز اُٿاريو ويندو .والاريل ڪشمير ۾ ظلمن خلاف اسپين جي شهر بارسلونا ۾ احتجاج ڪيو ويو جڏهن ته اٽلي جي شهر ميلان ۾ به احتجاج ٿيو، بليجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ ڏيئا ٻاري ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، لنڊن ۾ تاريخي ريلي لاءِ بريڊ فورڊ، برمنگھم، مانچسٽر ۽ گلاسگو سميت مختلف شهرن ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويو آهن. واضح رهي ته پاڪستاني 1990ع کان 5 فيبروري کي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار طور ملهائي رهيا آهن جنهن جو مقصد ڀارتي ظلمن جو شڪار ڪشميري عوام جي حمايت ڪرڻ آهي. ڪشميري مسلمان جي جدوجهد جاري آهي. صدر عارف علوي چيو آهي ته ڪشمير تي رڳو  ڪشميرين جو حق آهي، ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو رڳو ڪشميرين کي ڪرڻو آهي. مظفر آباد ۾ قانونسازي اسيمبلي کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت پاڪستان ۽ ڪشمير جي سان ساٿ ناانصافي ۽ سازش ڪئي وئي، بائونڊري ڪميشن مسلم اڪثريتي علائقن کي ڀارت حوالي ڪيو،  بائونڊري ڪميشن سوچي سمجهي منصوبي تحت سازش ڪئي. هن چيو ته صدين سان ڪشميري ڀائر ظلم سهندا آيا آهن، ڪشمير تي رڳو ڪشميرين جو حق آهي، ڪشميرين جي مستقبل جو فيصلو رڳو ڪشميرين کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته ڪشمير بابت پاڪستاني سياستدانن ۾ ڪي به اختلاف نه آهن. صدر عارف علوي چيو ته وزيراعظم ڀارت طرف دوستي جو هٿ وڌايو پر قابض ڀارت ڳالهين کان ڀڄندو آهي، ڀارت سان جڏهن به ڳالهين جو چيو هن ڪو نه ڪو بهانو ڪيو، ڪشميرين جي خود اراديت جي حق جي بنا فرق حمايت ڪيون ٿا.صدر عارف علوي ڪشميري عوام سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جو ڪشميرين تي ظلم دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ برابر آهي، ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري جو ٻٽو معيار شڪ ۽ شبها پيدا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڇرن واري بندوق سان هٿين خالي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جو سلسلو جاري آهي، ڪشميرين جو حريت وارو جذبو ۽  خود اراديت وڌي رهي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد کي هر گذرندڙ ڏينهن سان هٿي ملي رهي آهي، افسوس آهي ته ست ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪشمير مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. پاڪستان ڪشمير واري مسئلي تي پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته 7 ڏهاڪا گذرڻ باوجود والاريل ڪشمير جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ بيگناهن جي قتل عام، ٻارڙن تي پيلٽ فائرنگ، تشدد سميت ڀارتي ظلم اڃا تائين جاري آهي ۽ ڪشميري پنهنجي همت ۽ بهادري سان حق خود اراديت حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ آهن. هن چيو ته ڀارتي فوج ظالماڻي طريقي سان هزارين بيگناهه ڪشميرين کي بي رحماڻي تشدد ۽ غيرقانوني حراست دوران قتل ڪري رهي آهي. هن چيو ته هر سال 5 فيبروري تي ملهائيندڙ يوم يڪجهتي ڪشمير ڪشميرين کي ڀارتي تسلط خلاف ۽ حق خود اراديت لاءِ عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن مطابق ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي چوڌري فواد حسين ڪشمير سان ٻڌي جي ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو ته ڪشميرين جي آزادي واري حق حاصل ڪرڻ جي عظيم جدوجهد ۽ لازوال قربانين کي سلام پيش ڪيون ٿا هن چيو ته هزارين شهادتون، ظلمن ۽ تڪليفن جي باوجود ڪشميرين جهڪڻ کان انڪار ڪيو آهي ڀارتي ظلم سندن آزادي واري حق جي جدوجهد کي ڪمزور ناهي ڪري سگهيو هن چيو ته ڪشمير جا شهيد حريت پسندي، اصول ۽ سچائي جا چمڪندڙ ستارا آهن فواد چوڌري چيو ته ڪشميرين ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪيون ٿا هن چيو ته گڏيل قومن سميت سڄي دنيا ڪشمير ۾ وهندڙ رت جو نوٽيس وٺي هن چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *