پڇ تي لت اچڻ بابت وضاحت ڪندس ته ڳالهه پري هلي ويندي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (بيورو) سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته پڇ تي لت اچڻ بابت وضاحت ڪندس ته معاملا وڌيڪ بگڙي ويندا، واپڊا ۽ حيسڪو ۾ وائسراءِ ويٺل آهن، واپڊا واري وزير کي سمورا جلال رڳو سنڌ اندر ڏيکارڻا آهن، بجلي بند ڪري سنڌ جي ماڻهن کي احتجاج تي مجبور ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد سول اسپتال ۾ ٽنڊو ڄام ٽرين حادثي جي زخمين ۽ اسپتال جي مختلف وارڊز جو معائنو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي چيو ته ڌانڌليون ۽ تڪليفون رڳو پيپلز پارٽي برداشت ڪيون آهن. ، آزاد ڪشمير واقعي تي هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه چونڊون کٽڻ لاءِ نواز ليگ ڪري رهي آهي، آزاد ڪشمير پرامن آهي، سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي، واپڊا ۽ حيسڪو ۾ وائسراءِ ويٺل آهن. واپڊا وزير کي سمورا جلال رڳو سنڌ اندر ڏيکارڻا آهن، سنڌ جي ماڻهن کي احتجاج ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيون پيو وڃي، بقايائن ۽ چوري روڪڻ لاءِ واپڊا سان گڏ آهيان پر ٻن ماڻهن جي ڪري سڀني سزا نه ڏني وڃي. پوري قوم فوج ۽ جنرل راحيل شريف سان سندس بهادر ۽ اسٽينڊ تي گڏ آهي، فوج سان ڪنهن به سياسي جماعت جو ڪوبه تضاد نه آهي، نيشنل ايڪشن پلان صوبن کي لاڳو ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *