نيب آرڊيننس آڻڻ حڪومت لاءِ خطرناڪ هوندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته نيب آرڊيننس آڻڻ حڪومت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو،ان لاءِ نوازشريف کي وقت جي حساب سان سوچڻو پوندو.پارليامنيٽ هائوس ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته نيب آرڊيننس آڻڻ حڪومت لاءِ خطرناڪ هوندو،ڇو ته هاڻي ڪا به پارٽي نيب آرڊيننس جي حمايت نه ڪندي ۽ جيڪا به پارٽي انهيءَ آرڊيننس جي حمايت ڪندي ته عوام انهيءَ کي نه رڳو چور سمجهندي پر جيڪڏهن آرڊيننس قرآن پاڪ جي نظر ۾ آندو ويو تڏهن به عوام انهيءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪندي.سندس چوڻ هو ته هي وقت نيب آرڊيننس آڻڻ جو ناهي،ان لاءِ نوازشريف کي وقت سان گڏ هلڻو پوندو ۽ بل جي حمايت نه ڪرڻي پوندي.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته آدم شماري ۽ گهر شماري کي روڪڻ نه گهرجي ۽ جيڪڏهن آدم شماري جي لاءِ 3 لک فوج نه ٿي ملي ته ٻن مرحلن ۾ آدم شماري ڪرائي وڃي.جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آدم شماري ڪرائي وڃي ۽ ٻئي مرحلي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختون خوا ۾ آدم شماري ڪرائي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *