پٺان ڪوٽ حملي پاڪستان ۽ ڀارت جي طئي ٿيل ڳالهين واري شيڊول کي متاثر ناهي ڪيو: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پٺان ڪوٽ حملي پاڪستان ۽ ڀارت جي طئي ٿيل ڳالهين جي شيڊول کي متاثر ناهي ڪيو پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا ۾ ڪنهن قسم جي ڪائي تبديلي نه پئي ڪئي وڇي اقتصادي راهداري ۾ اولهندي روٽ جي نه هئڻ جي حوالي سان غلط نقشا پيش ڪيا ويا جن ۾ ڪائي حقيقت نه آهي گوادر جي ماهيگيرن کي متبادل جڳهه ۽ روزگار ۾ جدت ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي مستقبل ۾ ايران سان به گئس پائيپ لائين جو منصوبو عمل ۾ ايندو هڪ انٽرويو ۾ احسن اقبال چيو ته نه ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي چين 46 ارب ڊالر پاڪستان حڪومت جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيوت ه 12 نومبر 2015 تي اقتصادي راهداري جي حوالي سان سمورن صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکيو ۽ سمورن صوبن کي ان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندن شرڪت به ڪئي ۽ پنهنجي موقف پيش ڪيو هاڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته مون کي ان بابت ڪا خبر ئي نه آهي سمجهه کان ٻاهر آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي 46 ارب ڊالر ۾ ايل اين جي جو ڪوئي منصوبو شامل نه آهي صنعتي زونز لڳائڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته صنعتي زونز لاءِ اسان کي بجلي جي ضرورت آهي جيڪا اڃا اسان وٽ نه آهي انهيءَ ڪري پاڪ چين اقتصادي راهداري جي 46 ارب ڊالر مان 35 ارب ڊالر کان وڌيڪ بجلي جي منصوبن تي خرچ ڪيا پيا وڃن ته جيئن موجوده صنعتي زونز سان گڏوگڏ نوان لڳايا ويندڙ صنعتي زونز کي به بجلي فراهم ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *