پي ۽ پٽ ۾ ڪي به اختلاف ناهن، مداخلت وارا الزام ڪوڙا آهن: فريال ٽالپر

لاڙڪاڻو (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي فريال ٽالپر چيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پيءُ پٽن ۾ ڪو به اختلاف نه آهي، بلاول ڀٽو زرداري جلد پاڪستان ايندو ۽ پارٽي جون واڳون سنڀالي عوام جي خدمت ڪندو. لاڙڪاڻي شهر لاءِ هڪ ارب 13 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان لاڙڪاڻي شهر لاءِ ڊرينيج اسڪيم منظور ڪئي وئي آهي. جنهن جو پيڙهه جو پٿر پوليس لائين ۾ رکيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سر شاهنواز ڀٽو لائبرري جي هال ۾ ڊرينيج اسڪيم جو پيڙهه جو پٿر رکندي هڪ وڏي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سرشاهنواز ڀٽو لائبرري ۾ پوليس پاران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ايم اين اي فريال ٽالپر، ايم اين اي محمد اياز سومرو، ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سرشاهنواز ڀٽو لائبرري پهتا ته پوليس اهلڪارن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي اندر نه ڇڏيو ۽ ڌڪا ڏئي لائبرري جي دروان کي تالا هڻي ڇڏيا. ان وقت لائبرري جي دروازي جا شيشا پٽ ٽٽي پيا جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن شيشا لڳڻ ۽ پوليس اهلڪارن جي ڌڪن سبب هيٺ ڪري زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪيترن ئي صحافين توڙي ڦوٽو گرافرن کي پڻ پوليس اهلڪارن اندر حال ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پوليس اهلڪارن خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ڪيترائي ڪارڪن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ بنا ئي واپس هليا ويا ۽ پنهنجي اڳواڻ جو خطاب نه ٻڌي سگهيا. تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي فريال ٽالپر وڌيڪ چيو ته پارٽي جا وزير، ايم اين اي ۽ ايم پي اي پاڻ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيوته ملڪ ۾ پئٽرول جي قلت سمجھه کان ٻاهر آهي. هن چيوته سمجھه ۾ ڳالهه نه ٿي اچي ته اهو بحران هٿرادو آهي يا اصل ان لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ رٿ جمع ڪرائي آهي. جتي ان ڳالهه تي بحث ڪيو ويندو. هن چيوته مان دعوى سان چئي سگهان ٿي ته جيڪي پاڻ کي سنڌ جو ٺيڪيدار  ۽ وڏيرو سڏائيندڙ حڪومت ۾ آيا ته انهن سنڌ کي ڇا ڏنو آهي ۽ نقصان کان سواءِ ڪجھه به نه ڪيو پر پاڪستان پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا سٺي ڪارڪردگيءَ جي ڪري عوام ۾ مقبول ۽ عوام جي دلن جي حڪومت ڪري رهي آهي. هن چيوته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو ڪم صرف اسيمبلين ۾ قانون سازي ڪرڻ نه آهي پر اهي پنهنجو سڄو توجهه ۽ وقت پنهنجي علائقي جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏين. هن چيوته لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊرينيج جي حوالي سان وڏيون شڪايتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 13 ڪروڙ روپين جو منصوبو ڏنو ويو آهي. جنهن سان ٻن مهينن جي اندر شهر ۾ بيٺل پاڻي يا گندو پاڻي ختم ٿي ويندو. جڏهن ته پراجيڪٽ جون 2016 تائين مڪمل ٿي ويندو. جنهن سان لاڙڪاڻي شهر جي 10 لک ماڻهن کي فائدو ملندو. هن چيوته ڊرينيج اسڪيم جو ٺيڪو سٺن ٺيڪيدارن کي ڏنو ويندو جيڪي سٺي ساک رکندڙ هوندا. جڏهن ته انهن جي ڪم کي چيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ مانيٽريننگ ڪاميٽي به ٺاهي وئي آهي. جنهن سان منصوبو ڪاميابي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو. هن چيوته لاڙڪاڻو شهر شهيدن جو شهر آهي هن شهر کي اسان پئرس وانگر ڏسڻ چاهيون ٿا اهو خواب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو به هيو جنهن کي اسان هر صورت ۾ پورو ڪنداسين. ان موقعي تي تقريب کي ايم اين اي محمد اياز سومرو، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو، پيپلز پارٽي جا ضلعي اڳواڻ خير محمد شيخ، عبدالفتاح ڀٽو، پ پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري سليم سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *