لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جيڪڏهن ن ليگ ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري سان مخلص آهي ته بيڪ ڊور رابطا ختم ڪري. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته بيڪ ڊور رابطن جو دوکو وڌيڪ نه هلندو، نواز شريف پنهنجي جماعت کي ته پنهنجي نظريي تي آڻي. هن چيو ته پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آهي، ان ۾ ساهه پ پ جي ڪري هو، ن ليگ مڃي ها ته پنجاب ۾ بي اعتمادي سان حڪومت فارغ ٿي وڃي ها. سندس چوڻ هو ته اين اي 133 جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جو ڪاميابين جو سفر شروع ٿيندو، پ پ ڪارڪنن لاهور جي هڪ ننڍي چونڊ ۾ ساهه وجهي ڇڏيو آهي. قمر زمان ڪائرا چيو ته هن وقت مسئلن جو حل اهو ئي آهي ته عمران خان مان جان ڇڏائجي، لاهور جو عوام ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي دوکي ۾ نه ايندو.