پي ڊي ايم چورن جو ٽولو قرار، مان چاهيان ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نه سگهندي: پرويز خٽڪ

نوشهرا (اين اين آءِ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي جيڪڏهن مان چاهيان ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به نه هلي. نوشهرا ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته مان جنهن جو ساٿ ڏيان اهو آسمان تي پهچي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ساٿ ڇڏي ڏيان ته ٻُڙي ٿي ويندو، عمران خان جا مون تي ڪيترائي احسان آهن، تنهن ڪري ان سان سچو آهيان. هن چيو ته اڄ اپوزيشن ۽ اسيمبلي ميمبر منهنجي عزت ڪندا آهن، ڇو ته مان انهن کي سنڀاليندو آهيان، اها منهنجي محنت آهي، منهنجي جدوجهد آهي، اڄ مان سڄي پاڪستان جو مقابلو ڪري رهيو آهيان. پوءِ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي پرويز خٽڪ لکيو ته مان چيو هو عمران خان سان مخلص آهيان، اسان پنهنجي تڪ ۾ ڪوششن ۽ عمران خان جي سپورٽ سان ڪامياب ٿياسين، ننڍي چونڊ ۾ اسان جا اميدوار اپوزيشن پارٽين کي شڪست ڏيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *