پي ڊي ايم پنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسو ڪرڻ جو طئه ڪيو پر ايترا به بزدل آهن جو مظفر آباد هليا ويا: شيخ رشيد

راولپنڊي (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو، ڳالهيون ڪيو نه ته ٻن مهينن ۾ سياست ختم ٿي ويندي. لال حويلي ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي مسئلن مان ڇوٽڪاريو ڏياريو وڃي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو حامي آهيان پگهارن ۾ واڌ ڪنداسين، ڪجهه ارب سرڪاري ملازم ورتا ويا ته قيامت ڪو نه اچي ويندي، قبول ڪيون ٿا ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، پر اِها مهانگائي چورن ۽ ڌاڙيلن جي ڦرلٽ سبب ٿي آهي، اربين رپيا ڦري ٻاهر موڪليندڙ ڄمي عمرانب خان جي خلاف تحريڪ هلائي رهيا آحن. وفاقي وزير جو چوڻ حو ته پي ڊي ايم استعيفيٰ نه ڏيندي پر سينيٽ اليڪشن وڙهندي، جنهن اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان لعنت موڪلي هئي هاڻ انهيءَ ۾ پنهنجي ميمبرن لاءِ ووٽ وٺڻ ويندو، جيڪو نئون سينيٽر بڻجندو ڇا پي ڊي ايم هن کي چوندي ته استعيفيٰ ڏي، فضل الرحمان ٻارن جي گهيري ۾ اچي ويو آهي. شيخ رشيد چيو ته اسان کان سڀ کان وڏي غلطي ٿي، پي ڊي ايم کي ملتان قاسم باغ ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ گهرجي ها، اسان به 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو هو، آئون روز چوند هيس ته عمران خان ڌرڻو ختم ڪيو ان سان ڪجهه نه ٿيندو، ڌرڻو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پي ڊي ايم به چار مهينن کان ناڪاري سياست ۽ قوم جو وقت پئي ضايع ڪري، هي بند گهٽي ۾ ڦاسي پيا آهن، آخر ۾ ڳالهيون ئي ڪرڻيون پونديون، پي ڊي ايم کي ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو، انهيءَ ۾ سندن چڱائي آهي، ڳالهيون ڪيو نه ته ٻن مهينن ۾ سياست ختم ٿي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *