پي ڊي ايم هئي ئي ناڪام، ڀاڳيلو ليڊر لنڊن ۾ ويهي انقلاب آڻڻ گهري ٿو:عمران خان

ساهيوال (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سمورا ڌاڙيل گڏجي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر جا ناليوارن ڌاڙيلن جي تنقيد کي اعزاز سمجهڻ گهرجي، هي جيڪڏهن منهنجي تعريف ڪن ته آئون پنهنجي توهين سمجهندس. ساهيوال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مخالف ڌر ۽ حڪومت گڏجي پارليامينٽ هلائينديون آهن، هنن پهرين ڏينهن کان پارليامينٽ کي اين آر او گهرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، پارليامينٽ جي اندر عوامي مفاد جو جيڪو بحث ٿيڻ گهرجي ها اُهو ناهي ٿي سگهيو، مخالف ڌر جي ناليوارن ڌاڙيلن جي تنقيد کي اعزاز سمجهڻ گهرجي، مخالف ڌر جيڪڏهن منهنجي تعريف ڪري ته آئون پنهنجي توهين سمجهندس. وزير اعظم چيو ته پي ڊي ايم فيل ئي ٿيڻي هئي، سمورا ڌاڙيل گڏجي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، هي سڀ گڏجي حڪومت کي وڃڻ جون تاريخون ٿا ڏين. مولانا فضل الرحمان ڪرپٽ آدمي آهي ۽ هن کي مولانا چوڻ عالمن جي توهين آهي، فضل الرحمان مدرسن جي ٻارن کي استعمال ڪري ارب پتي بڻيو، هو پاڻ کي قانون کان مٿانهون ٿو سمجهي. عمران خان جو چوڻ هو ته سينيٽ ايندڙ چونڊن جي لاءِ اڃا ريٽ هڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي خبر آهي ته ڪهڙا سياسي ليڊر پيسا هڻي رهيا آهن، اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته پيسا هڻي سينيٽر بڻجندڙ پيسا نه ٺاهي، سينيٽ چونڊڻ ۾ اوپن بيليٽنگ جي لاءِ آئيني ترميم جو رهيو آهي، ڪرپشن کي روڪڻ جي ترميم جا مخالف قوم جي آڏو بي نقاب ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته سياسي پشت پناهي کان سواءِ سرڪاري زمين تي قبضو نٿو ٿي سگهي، مريم نواز غير قانوني کوکر پيلس تي بيهي قبضا مافيا سان ٻڌي جو اظهار ڪيو، کوکر ڀائرن 130 ڪروڙ جي سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو هو، پاڻ کي مستقبل جو ليڊر چوڻ مريم نواز قبضا مافيا جي حمايت ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *