پي ڊي ايم مونجهاري جو شڪار آھي، اتي اڄ به پ پ جي پاليسي ئي پئي هلي: بلاول زرداري

چارسدا (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم کي مونجهاري جو شڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اتي اڄ به پ پ جي پاليسي ئي هلي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پ پ وفد بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ ولي باغ چارسدا پهتو، جتي پ پ چيئرمين اي اين پي خيبر پختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان ۽ لونگين خان سان بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني به ڪئي. پوءِ اي اين پي جي مرڪزي قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ پ پ ۽ اي اين پي موجود نه هيون پر اڄ به اتي پ پ جي پاليسي ئي هلي رهي آهي، پي ڊي ايم مونجهاري جو شڪار آهي، اهي اڄ به استعيفيٰ نه پيا ڏين ۽ پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائم ڏيڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پي ڊي ايم سربراهه لاءِ وقت مقرر هو، جيستائين ايڪشن پلان تي عمل نٿو ٿئي پي ڊي ايم جو حصو نه بڻجنداسين. هن چيو ته اسان جمهوريت ۽ آئين تي يقين رکون ٿا ۽ پي ڊي ايم مان استعيفيٰ آخري پوائنٽ هو، اسان هڪ ايڪشن پلان ڏئي عوام سامهون رکي ڇڏيو هو، استعيفيٰ کانپوءِ اسان ٻيهر پي ڊي ايم ۾ وڃڻ جو ناهي سوچيو، پ پ ۽ اي اين پي ٻئي جمهوريت پسند ۽ عوامي جماعتون آهن، ٻئي گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ڪوشش ڪنديون ۽ اسان جي ڪردار کي تاريخ ۾ لکيو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جا معيشت تي انگ اکر ڪوڙا آهن ۽ ان جو شاهد پاڪستاني عوام آهي، مون سميت سڄو خاندان پاڪستان ۾ رهي جدوجهد ڪري رهيو آهي، اين آر او وٺڻ جي ضرورت عمران خان ۽ ان جي سليڪٽڊ حڪومت کي آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امير حيدرخان هوتي چيو ته اي اين پي ۽ پ پ وچ ۾ پراڻا لاڳاپا رهيا آهن ۽ ٻئي پارٽيون ڪيترن ئي نسلن کان ملڪ ۾ آئين جي بالادستي صوبائي خودمختياري ۽ پارليمان جي بالادستي لاءِ ڪوشان آهن 1973 جي آئين کان وٺي 18هين ۽ 25هين آئيني ترميم تائين ٻنهي پارٽين پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ٻئي پارٽيون سياسي حليف به رهيون آهن ۽ حريف به ٻنهي پارٽين پاڪستان ۾ جمهوريت جي جنگ وڙهي آهي جانين جا نذرانه ڏنا آهن ۽ قيد جون سختيون برداشت ڪيون آهن ۽ مستقبل ۾ به ٻئي پارٽيون جمهوريت آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون امير حيدرخان هوتي پ پ چيئرمين ۽ ٻين اڳواڻن جو ولي باغ آمد تي شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي بلاول ڀتو زرداري ڳالهائيندي اي اين پي جي اڳوڻي صوبائي صدر بيگم نسيم ولي خان جي سياسي جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پ پ ۽ اي اين پي جو منشور عوام دوست آهي ٻنهي پارٽين گڏجي پاڪستان کي 18هين آئيني ترميم ۽ صوبائي خومختياري جو تحفو ڏنو آهي ٻئي پارٽي پرامن ۽ ترقي يافته ۽ خوشحال پاڪستان جون خواهشمند آهن ٻنهي پارٽين گڏجي دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي آهي ۽ قربانيون ڏنيون آهن ٻنهي پارٽين جا تاريخي رشتا ۽ رابطا آهن پ پ ۽ اي اين پي ٻين هم خيال سياسي پارٽين سان گڏ مستقبل ۾ به پارليمان اندر ۽ ٻاهر عوام جي حقن جي جنگ ۾ ڪنهن قرباني کان پاسو نه ڪندي هن چيو ته اي اين پي ۽ پ پ گڏجي پي ڊي ايم مان استيعفا ڏني آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ واپسي جو ڪوئي فيصلو ناهي ڪيو پي ڊي ايم جي 10 نقاطي پلان جي اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين منظوري ڏني هئي پر ان تي عمل ۽ اتفاق قائم نه رهي سگهيو جنهن جي ڪري رستا الڳ ٿيا هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم جي نااهلي ۽ نالائڪي جي ڪري سڄو پاڪستان ازيت ۾ آهي موجوده حڪمرانن ملڪ کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻائي ڇڏيو اهي هن چيو ته صاف شفاف اليڪشن ۽ چونڊيل حڪومتن جو قيام اي اين پي ۽ پ پ جي گڏيل منزل آهي سمورين ترقي پسند ۽ هم خيال پارٽين سان گڏجي هن سليڪٽڊ حڪومت جو مقابلو ڪنداسين ۽ عوام کي ان جي آئيني جمهوري ۽ قانوني حق ڏينداسين ان موقعي تي اي اين پي جو ماليات سيڪريٽري سينيٽر حاجي هدايت الله خان مرڪزي ترجمان زاهد خان، صوبائي ترجمان ثمر هارون بلور، حاجي غلام محمد بلور ۽ لونگي ولي خان سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *