پي ڊي ايم جو 23 مارچ تي اسلام آباد ڏانھن مھانگائي مارچ جو اعلان

اسلام آباد(م.ڊ) مولانا فضل الرحمان جي سربراهي اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، لانگ مارچ کي مهانگائي مارچ جو نالو ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب لانگ مارچ 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ پهچندو جتي 25 مارچ تائين اسلام آباد ۾ ترسيو ويندو. پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ پارليامينٽ تان فوري طور گڏيل استعيفائن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سيالڪوٽ واقعي جي غير مشروط مذمت ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم سربراهي اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته سيالڪوٽ جهڙن واقعن جي غير مشروط مذمت ڪيون ٿا. هن چيو سوال اهو آهي ته اهڙن واقعن کي روڪيندو ڪير؟ رياست، آئين ۽ قانون کي حرڪت ۾ اچڻو پوندو، اسان جي پنهنجي حڪومت هجي ها ته به اهو چئون ها ته ڪوتاهي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قومي سوچ کي سامهون آڻڻو پوندو، بندوق ذريعي ڪنهن نظرئي جي ڳالهه ڪرڻ جي شروع کان مخالفت ڪري رهيا آهيون، اسان آئين، قانون ۽ جمهوريت جي صف ۾ بيٺا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *