پي ٽي آئي پڇاڻي واري مرڪزي ارادي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن واري قانون ۾ تڪراري ترميم ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته هن واعدي موجب، احساب ڪميشن جي قانون بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن ۾ صدارتي حڪمنامي ذريعي ڪيل ترميمون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عمران خان چيو ته آزاد احتساب يقيني بڻائڻ لاءِ قانون ۾ گڏيل ۽ موثر موسودو تيار ڪري صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن ۾ تڪراري ترميم سبب ڪميشن جي ڊي جي حامد خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *