پي ٽي آئي حڪومت مھانگو ترين تيل خريد ڪندي رھي: شھباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي زبان کي روڪڻو پوندو نه ته ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عمران خان عوام جي ذهن ۾ زهر پيدا ڪري رهيو آهي، ان لاڏلي کي جيڪو ادارن سپورٽ ڪيو، ان جو مثال نٿو ملي، جيڪڏهن نوٽيس وٺي ان کي نه روڪيو ويو ته ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو، آئين ۽ قانون موجب ان جي زبان کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته هڪ ڌمڪي کي بنياد بڻائي سازش قرار ڏنو پيو وڃي، ڌمڪي ته هنري ڪسنجر ڀُٽي کي به ڏني هئي، ڌمڪي به نائن اليون کانپوءِ پرويز مشرف کي به ڏني وئي، ڌمڪي جي تاريخ گهڻي ڊگهي آهي، ڌمڪي مان سازش ڪٿان نڪري آئي؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *