پي ٽي آئي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس، قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪور ڪميٽي ميمبرن، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏن وزيرن، گورنرن ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ موجود سياسي صورتحال کي ڏسندي اڳتي جي سياسي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو ۽ وزيراعظم لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي به مشاورت ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي اپوزيشن پارٽي طور حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ۽ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته تحريڪ انصاف اثرائتي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي. ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج بابت تيارين جو جائزو به ورتو ويو ۽ اڄ کان شروع ٿيندڙ عوامي رابطا مهم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف اڱاري ڏينهن پشاور ۾ وڏو جلسو ڪندي ۽ پشاور جلسي سان عمران خان عوامي رابطا مهم جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ پارٽي جي نئين تنظيم سازي جلد مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪور ڪميٽي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست لاءِ پارلياماني بورڊ کي متحرڪ ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري چيو ته اسان سڀ قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهيون، چورن سان گڏ نٿا ويهي سگهون، شهباز شريف سان گڏ شريڪ نٿا ٿي سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *