پي ٽي آئي جا ترجمان مسلسل ڪوڙ پيا ڳالهائين، لاهور وارو جلسو تاريخي هو لکين ماڻهو شريڪ هئا: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات جهنگلات ۽ مذهبي معاملن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آئي جا ترجمان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن لاهور جو جلسو تاريخي هو جنهن ۾ لکين لاهوري شريڪ ٿيا سيد ناصر حسين شاهه پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاهور ۾ موجود هو هن چيو ته لاهور ۾ ٿيڻ وارو جلسو اتان جي تاريخ جو بهترين جلسو هو پر جلسي جي حوالي سان نااهل سرڪار جا نااهل ترجمان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي دوکو ڏيندا رهيا ته جلسي ۾ ٽي چار هزار ماڻهو آهن صوبائي وزير چيو ته منهنجو ڪوڙن اڳواڻن کي مشورو آهي ته اگر ڪوڙ ئي ڳالهائڻو آهي ته هڪ ڊالر پنجهاهه رپئي جو، کنڊ ويهه رپيا ڪلو ۽  اٽو ته مفت ملندو آهي جي رٽ لڳائڻ شروع ڪن ته جيئن مهانگائي جي ماريل قوم اڳواڻن جي ڪوڙ ڳالهائڻ سان ئي خوش ٿي وڃي رڳو اهو ئي نه پر اهو به ڳالهائي ڪري خوش ٿي وڃن ته عمران خان جي جڳهه اڳيون وزيراعظم فياض چوهان، شبلي فراز، فردوس آپا يا شهباز گل ٿيندا.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *